ايلون مسڪ کي قتل ڪرڻ جو خدشو

ايلون مسڪ جي پيءُ ايرول مسڪ پنهنجي پٽ جي حفاظت بابت خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايلون تي قاتلانو حملو ٿي سگھي ٿو.

ايلون جي پيءُ اهڙن خدشن جو اظهار مگيزين ”نيويارڪر“ ۾ ”ايلون مسڪ جي ڳجهي حڪومت“ جي عنوان سان هڪ تنقيدي مضمون شايع ٿيڻ کان پوءِ ڪيو ويو آهي.

ان مضمون ۾ خلا، يوڪرين، سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرڪ گاڏين سوڌو مختلف شعبن ۾ حڪومتي فيصلن تي ايلون مسڪ جي اثر بابت سوال اٿاريا ويا هئا.

مضمون ۾ يوڪرين تڪرار ۾ SpaceX جي Starlink سيٽلائٽ جي اهميت تي به زور ڏنو ويو آهي.

ايلون جي پيءُ ايرول مسڪ نيويارڪر جي مضمون تي ڇتي تنقيد ڪئي ۽ ان کي ”هٽ جاب“ (عوامي لفظن ۾ قتل جي سُپاري) قرار ڏنو آهي.

هن الزام لڳايو ته نيويارڪر کي ”شيڊو گورنمينٽ“ جي حمايت حاصل آهي جيڪا ايلون کي ڪمزور ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.

هن چيو ته ان آرٽيڪل جي ڀيٽ پهريان دشمن کي ڪمزور ڪرڻ ۽ اهڙيءَ طرح قسم جي واقعي لاءِ ماڻهن کي تيار ڪرڻ جي حربن سان ڪئي.

جڏهن هن کان پڇيو ويو ته ڇا هن کي خدشو آهي ته اها ”شيڊو گورنمينٽ“ ايلون مسڪ کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگھي ٿي، ته ايرول ”ها“ سان جواب ڏنو.

ايلون مسڪ کي ان وقت ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو جڏهن هن گذريل سال آڪٽوبر ۾ 44 بلين ڊالرز ۾ ٽوئيٽر خريد ڪيو هو.

تنقيد ڪندڙن الزام لڳايو آهي ته هو نفرت جوڳين تقريرن ۽ غلط ڄاڻ کي پليٽ فارم تي هٿي ڏيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.