اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيپالي گلوڪارا تريشلا گرونگ به قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي مداح نڪتي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي تريشلا گرونگ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي تريف ڪئي ۽ چيو ته اهڙا رانديگر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن.
هن چيو ته مون کي ايشيا ڪپ جي انتظاميا طرفان ڳائڻ جي آڇ ٿي ته يقين نه آيو، هاڻ جتي به ويندي آهيان ته ماڻهو سڃاڻيندا آهن، آٽو گراف وٺندا آهن ۽ هٿ ملائيندا آهن، ايشيا ڪپ جو گانو ڳائڻ کانپوءِ ڀارت مان به آڇون ٿي رهيون آهن.
سندس چوڻ هو ته پاڪستاني گلوڪارا آئمه بيگ سان گڏ پرفارم ڪرڻ جو تجربو سٺو رهيو، پاڪستاني مهمان نواز آهن ۽ موسيقي سان محبت ڪن ٿا، پاڪستاني مرحوم گلوڪار نصرت فتح علي خان سميت موجوده گلوڪارن راحت فتح علي خان، علي ظفر ۽ عاطف اسلم جو ڪو جواب ناهي.
نيپالي گلوڪارا چيو ته پاڪستان لاءِ ٻه ملي نغما تيار ڪري رهي آهيان، موقعو مليو ته لاهور ۽ اسلام آباد ۾ پرفارم ڪنديس.
Next Post
You might also like