لاهور (ويب ڊيسڪ ) افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ جوناٿن ٽروٽ چيو آهي ته کين ڄاڻ نه هئي ته ڇڪو هڻي 38 اوورن ۾ راند مڪمل ڪري سگهون.
ميچ کانپوءِپريس ڪانفرنس ڪندي جوناٿن ٽروٽ چيو ته اسان کي 37.1 کانسواءِ ٻي ڪا به ڪلڪيوليشن نه ٻڌائي وئي هئي.
افغانستان جي ڪوچ وڌيڪ چيو ته سُپر فور جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿيڻ تي مايوسي ٿي آهي، اسان ٽورنامينٽ بهتر پرفارم ڪري پئي سگهياسين، اسان تي غلطين تي ڪم ڪرڻو پوندو.
ياد رهي ته اڱاري ڏينهن ايشيا ڪپ جي اهم ميچ ۾ سخت مقابلي کانپوءِ سريلنڪا افغانستان کي شڪست ڏئي سُپر فور مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري افغانستان کي ايشيا ڪپ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو.