سعودي عرب ۾ ماڻهن کي ٺڳيندڙ 11 پاڪستاني سوگها، سخت سزا

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ مالي ڏوهن ۾ ملوث 11 ڄڻن تي ٻڌل گروهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جيڪي مقامي شهرين ۽ پرڏيهين کي فون ڪري بئنڪ اپ ڊيٽ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندا هئا.
سعودي پبلڪ پراسيڪيوشن موجب گرفتار ٿيل پاڪستاني آهن، جيڪي ماڻهن کي فون ۽ ميسيج ڪري بئنڪ تفصيل اپ ڊيٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪندا هئا، ڏٽي ۾ ايندڙن کان ڪارڊ جا تفصيل ۽ دستاويز معلوم ڪرڻ کانپوءِ اڪائونٽ مان پئسا ڪڍي ڇڏيندا هئا.
پبلڪ پراسيڪيوشن چيو ته پڇا ڳاڇا ۾ جوابدارن ڏوهه جو اعتراف ڪيو، جنهن کانپوءِ کين عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ انهن مان هر هڪ کي 7 سال قيد ۽ مدو پورو ڪرڻ کانپوءِ ملڪ مان بي دخل ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.