ڏکڻ وزيرستان (ويب ڊيسڪ) لڌا جي علائقي شڪتوئي شابي خيل ۾ گهر تي مارٽر گولو ڪِري پيو.
پوليس موجب گهر تي مارٽر گولو ڦاٽڻ سان هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا فوت ۽ ٻه زخمي ٿي پيا.
پوليس جو چوڻ آهي ته مارٽر گولو اڻڄاتل پاسي کان اچي ڪِريو، فوت ٿيندڙن ۾ هڪ عورت ۽ 4 ٻار شامل آهن.
پوليس موجب اطلاع ملندي ئي زخمين کي اسپتال پهچايو ويو پر اهي نه بچي سگهيا.
You might also like