ڪينبرا ( ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ 15 رڪني آسٽريلوي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان شيئر ڪيل پوسٽ ذريعي شروعاتي 15 رُڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيوويو .
Presenting your 15-player men’s provisional squad for the 2023 World Cup!
The final 15-player squad will be confirmed later this month 🇦🇺 #CWC23 pic.twitter.com/wO0gBbadKi
— Cricket Australia (@CricketAus) September 6, 2023
آسٽريلين اسڪواڊ ۾ ڪپتان پيٽ ڪمنز، شان ايبٽ، آشٽن آگر، اليڪس ڪيري، ڪيمرون گرين ۽ جوش هيزل ووڊ شامل آهن.
انکانسواءِ ٽريوس هيڊ، جوش انگلس، مچل مارش، گلين ميڪسويل، اسٽيو سمٿ، مچل اسٽارڪ، مارڪس اسٽوئنس، ڊيوڊ وارنر ۽ ايڊم زمپا به اسڪواڊ جو حصو آهن.
ڪرڪيٽ آسٽريليا جي چيف سليڪٽر جارج بيلي جو چوڻ آهي ته پيٽ ڪمنز اسٽيو سمٿ، مچل اسٽارڪ ۽ گلين ميڪسويل ڪرڪيٽ ۾ واپسي لاءِ تيار آهن، سمورا رانديگرن ڀارت خلاف سيريز ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندا.
جارج بيلي وڌيڪ چيو ته حتمي اسڪواڊ جي اعلان کان اڳ ڏکڻ آفريڪا ۽ ڀارت خلاف اٺ ون ڊي ميچون آهن، ٽورنامينٽ کان اڳ هڪ مضبوظ ٽيم ٺاهڻ جو بهترين موقعو آهي.