ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس سان گڏ سول ڪپڙن پهريل ماڻهن مغوين جي بازيابي لاءِ لڳل ڌرڻي ۾ ويٺل ماڻهن تي لٺين سان حملو ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي زخمي ڪري ڇڏيو.
چيو پيو وڃي ته هندو برادري جي ماڻهن کي ڌمڪيون داٻا ڏئي ڪشمور ڌرڻو به ختم ڪرايو ويو آهي.
ڪشمور ڌرڻو ختم ٿيڻ کانپوءِ اڄ ٻيھر مغوين جي بازيابي لاءِ ڪنڌڪوٽ گولا موڙ وٽ انڊس هاءِ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو.
ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ ڌرڻي ۾ پهچي اڳواڻن کي چيو ته ڌرڻو ختم ڪيو پر احتجاج ڪندڙن ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو جنهن کان پوءِ پوليس ۽ سول ڪپڙا پهريل ماڻهن ڌرڻي ۾ ويٺلن تي حملو ڪري ڏنو لٺيون لڳڻ سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.
ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ وڪيل عبدالغني بجاراڻي جو چوڻ هو ته اسان جا لاش کڻندا پر اسان ڌرڻو ختم نه ڪنداسين.