سون جي اگهه ۾ 10 هزار رپين کان وڌيڪ لاٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ به سون جي اگهه ۾ هزارين رپين جي لاٿ سامهون آئي آهي.
ملڪي سونارا مارڪيٽن ۾ اڄ في تولي سون جي قيمت ۾ 10 هزار 500 رپين جي لاٿ ٿي آهي.
ساڍا 10 هزار رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 22 هزار 300 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 9 هزار ٻه سئو رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 90 هزار 586 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 5 ڊالر گهٽجڻ سان 1926 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.