حارث رئوف بنگالي بيٽرن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا، اهم اعزاز ماڻي ورتائين

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي فاسٽ بالر حارث رئوف ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ پنهنجا پنجاهه شڪار مڪمل ڪري ورتا آهن.

حارث رئوف ايشيا ڪپ جي سُپر فور مرحلي ۾ بنگلاديش خلاف ميچ ۾ پنهنجي ون ڊي ڪرڪيٽ جون پنجاهه وڪيٽون مڪمل ڪيون.

حارث رئوف پنهنجي ستاوهين ميچ ۾ پنجاهه شڪار مڪمل ڪرڻ جو ڪارنامو انجام ڏنو، هو وقار يونس سان گڏيل طور ون ڊي ۾50 وڪيٽون حاصل ڪندڙ ٽيون تيز ترين پاڪستاني بالر بڻجي ويو آهي.

ان کان اڳ فاسٽ بالر حسن علي 24، شاهين آفريدي 25 جڏهن ته وقار يونس به 27 ون ڊي ميچن ۾ پنجاهه وڪيٽون مڪمل ڪيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.