اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي واري نگران وزير محمد علي واضح لفظن ۾ چيو آهي ته جيستائين بجلي چوري ختم نه ٿيندي ۽ ماڻهو بل نه ڀريندا، تيستائين عوام کي سستي بجلي نه ملندي.
اطلاعات واري نگران وزير مرتضيٰ سولنگي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد علي چيو ته اسلام آباد، لاهور، گوجرانوالا، فيصل آباد ۽ ملتان ڊسڪوز ۾ 79 ارب يونٽ بجلي جو نقصان ٿيندو آهي، رڳو انهن 5 ڊسڪوز ۾ 100 ارب رپين جو نقصان ٿيندو آهي، انهن 5 ڊسڪوز ۾ 3044 اربن جي بلنگ ٿيندي آهي ۽ 100 اربن جو نقصان ٿيندو آهي.
هن چيو ته پشاور، حيدرآباد، ڪوئيٽا، سکر، قبيلائي علائقن ۽ آزاد ڪشمير ڊسڪوز ۾ 489 اربن جو نقصان ٿيندو آهي، انهن 5 ڊسڪوز جي 737 اربن جي بلنگ مان 489 اربن جو نقصان ٿيندو آهي، انهن 5 ڊسڪوز مان 60 سيڪڙو نقصان ٿيندو آهي.
سندس چوڻ هو ته هر علائقي ۾ الڳ الڳ سطح تي بجلي جي چوري ٿي رهي آهي، ملڪ ۾ 589 ارب رپين جي بجلي چوري ٿي رهي آهي ۽ بل نه پيا ڀريا وڃن، اسان کي ملڪ ۾ ٿيندڙ بجلي چوري کي روڪڻو آهي.
وفاقي وزير چيو ته بجلي چوري يا بل نه ڀرڻ سبب ٻين واهپيدارن تي بار پوندو آهي، جيستائين بجلي چوري ختم نه ٿيندي ۽ ماڻهو بل نه ڀريندا تيستائين عوام کي سستي بجلي نه ملندي.
محمد علي چيو ته نگران وزيراعظم بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ ڪريڪ ڊائون جي هدايت ڪئي آهي، جيڪي بجلي جا بل ناهن ڀريندا، انهن کان ريڪوري ڪئي ويندي.
Prev Post
You might also like