مرگهي جي مريضن ۽ بيهوشن کي هوش ڏياريندڙ انوکي فائدن واري جڙي ٻوٽي!

صحت جي حوالي سان اهڙيون ڪيتريون ئي قدرتي جڙيون ٻوٽيون آهن جيڪي قديمي دور کان وٺي مختلف بيمارين جي علاج طور استعمال ٿينديون اچن ٿيون جن بابت اسان ڪيترائي ڀيرا ٻڌائي به چڪا آهيون. پر اڄ اسان جنهن جڙي ٻوٽي جي ڳالهه ڪنداسين اها ايتري ته فائديمند آهي جو بيهوش ماڻهوءَ يا مرگهي واري ماڻهوءَ کي ماکي سان گڏائي چٽائجي ته اهو ماڻهو هوش ۾ اچي ويندو.

ان جڙي ٻوٽي جو نالو فلفل دراز آهي.

فلفل دراز کي انگريزي ۾ pippali چيو ويندو آهي ان جا صحت لاءِ ڪيترائي فائدا آهن. اها جڙي ٻوٽي دماغ کي تيز ڪندي آهي، معدي جي صحت لاءِ تمام بهترين ۽ بلغم جي نيڪالي لاءِ به هڪ ٽپ علاج آهي.

ان جو رنگ ڀورو ۽ ذائقي ۾ گهڻو تيز ۽ تِکو هوندو آهي. فلفل دراز گهڻي قدر نيپال، آسام ۽ بنگال جي علائقن ۾ ٿئي ٿي. اها پٿريلي ۽ وارياسي مٽي ۾ ٿيندي آهي.

فلفل دراز توتن وارين نظر ايندي آهي. جڏهن اها پچي ويندي آهي ته ان جو رنگ ڪارو ٿي وڃي ٿو ۽ ان جو مٿيون حصو کَهرو ٿي وڃي ٿو.

اها جڙي ٻوٽي دوري، بيهوشي ۽ مرگهي واري ماڻهن جي لاءِ هڪ ٽپ ثابت ٿيندي آهي. جيڪڏهن انکي ماکيءَ سان گڏائي ٿوري مقدار ۾ ڪهڙي به قسم جي بيهوشي ماڻهن کي چٽايو وڃي ته اهي هوش اچي ويندا.

انکانسواءِ اها ٻارن جي موسمي بخار، کنگهه، دَم ۽ سهڪي، الٽي جي علاج لاءِ پڻ جادوئي اثرن واري جڙي ٻوٽي آهي. ڳلي جي سرڪي ۽ انفيڪشن سميت معدي جي صحت لاءِ ان جڙي ٻوٽي جو هڪ گرام ۽ ماکيءَ جا ٽي گرام ملائي کائڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.