ڪاري ڪپڙن جي مداحن ۽ عاشقن جون پنج اهم ڳالهيون

هونئن ته ڌرتي تي رهندڙ سڀ جو سڀ انسان هڪجهڙا آهن ڪنهن بيماري يا معذوري کانسواءِ سڀني کي ٻه ڄنگهون، ٻه پير، ٻه اکيون، ٻه ٻانهون ٻه هٿ، هڪ نَڪ، ٻه ڪن، هڪ وات وغيره سڀ ڪجهه ساڳيو هوندو آهي پر تنهن هوندي به هزارن يا لکن ۾ ڪي اهڙا انسان هوندا جيڪي هڪجهڙا هجن باقي نه ته سڀ جو سڀ هڪ ٻئي کان مختلف هوندا آهن.

اهي ته هيون انسان جي بناوت جي حوالي سان ڳالهيون اهڙي ئي حوالي سان هر انسان ۾ الڳ الڳ خوبيون يا خاميون هونديون آهن جيڪي انکي ٻين کان مختلف بڻائڻ ٿيون. ڪيترن ئي ماڻهن جي پسند يا نا پسند هڪٻئي جهڙي ٿي سگهي ٿي پر پوءِ به ڪيتريون ڳالهيون انسانن کي هڪٻئي کي مختلف بڻائينديون آهن.جن بابت ذڪر ڪجي ته سال لڳي ويندا پر انهن جي خاصيتن جي وضاحت نه ٿي سگهندي.

اڄ اسان ماڻهن جي هڪ اهڙي پسند جي حوالي سان ڳالهه ڪنداسين جيڪا عام ڏٺي ويندي آهي.

اهو ته توهان کي اندازو لڳائڻ گهرجي ته ڪنهن به شيءِ جو وڻڻ يا نه وڻڻ توهان جي وس ۾ ناهي هوندو، مثال جيڪڏهن توهان کي ڪو کاڌو تمام گهڻو وڻندو آهي ته ان ۾ توهان جو ڪو به ڏوهه يا عمل ناهي يا وري توهان کي ڪو کاڌو ٺپ وڻندو ئي ناهي تڏهن ۾ ان ۾ توهان جو ڪو ڏوهه ناهي اهو توهان جي جسماني، ذهني، ٽيسٽ ۽ ٻين خاصيتن سميت هارمونز ۽ سيلز ۾ هوندو آهي ته توهان ڪهڙين شين کي پسند ڪندا ڪهڙي کي نه، ڪهڙين شين سان محبت ڪندا ڪهڙين سان نفرت. بهرحال اسان اڄ ڪاري رنگ جي ڪپڙن جي مداحن بابت ڳالهه ٻولهه ڪنداسين.

اسان جي آسپاس ڪيترائي اهڙا ماڻهو هوندا جن کي ڪاري رنگ جا ڪپڙا وڻندا هجن، پر ڪيترائي اهڙا ماڻهو به هوندا جيڪي انهن کي تمام گهڻو پسند ڪندا هجن اڄ اسان انهن بابت ٻڌائينداسين.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪارو رنگ پائيندڙن يا ان جي مداحن کي پراعتماد سمجهيو ويندو آهي، ڪاري رنگ جا ڪپڙا پائڻ وارا اهڙي چيلينجز ۽ همت جي احساس جو مظاهرو ڪندا آهن جنهن جو مثال ٻين ۾ ناهي ملندو يا تمام گهٽ ملندو آهي. ڪارا ڪپڙا پائيندڙن جون پنج اهڙيون عادتون آهن جيڪي ٻين کي به پريشان ڪري سگهن ٿيون.

ماهرن وڻڻ ۽ نه وڻڻ جي حوالي سان انساني خاصيتن جا تجربا ڪندي ٻڌايو آهي ته ڪاري رنگ جا ڪپڙا پسند ڪندڙ ماڻهن ۾ پنج عام عادتون هونديون آهن جيڪي اوهان کي هيٺ ٻڌائجن ٿيون.

خوف

ڪارا ڪپڙا پائيندڙ ماڻهن جي لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ طاقت ۽ وقار جي ڳولا ۾ رهندا آهن ۽ ڪيترائي ڀيرا اهي ماڻهو حد کان وڌي ويندا آهن ۽ انهن جي اهڙي شدت پسندي کان گهڻي قدر ماڻهن کي خوف ٿيندو رهندو آهي.

حساسيت

ڪاري رنگ جي شوقين ماڻحن لاءِ اها ڳالهه به عام آهي ته اهي ماڻهو تمام حساس هوندا آهن ۽ پنهنجي زندگي ۾ ٻين جي دخل اندازي کي پسند ناهن ڪندا. اهي ماڻهو ٻين اڳيان کُلي ڪري سامهون ناهن ايندا ۽ پنهنجا زندگي جا راز شيئر نه ڪرڻ جي ڪري اهي ٻين ماڻهن جي لاءِ ڳجهارت بڻيل هوندا آهن.

آزاد ذهن جا مالڪ

ڪاري رنگ جي ڪپڙن جا عاشق ماڻهو آزاد ذهن جا سمجهيا ويندا آهن ڇو ته ڪاري رنگ کي گهڻي قدر معاشرن ۾ سوڳ يا ڏک جي علامت سمجهيو ويندو آهي ۽ ان لاءِ اِن رنگ کي پسند ڪندڙن جي لاءِ به ماڻهن جي راءِ تلخ ٿي سگهي ٿي. اهو ئي سبب آهي ته ڪيترن ئي معاشرن ۾ ماڻهو ڪاري رنگ جي ڪپڙن جي مداحن کان ٿورو پَري رهندا آهن.

الڳ دائرو

ڪاري رنگ جا شوقين ماڻهو گهڻي قدر پنهنجي الڳ دائري ۾ رهندا آهن ۽ انهن جو اهو دائرو تمام ٿورو يا محدود هوندو آهي اهو ئي سبب آهي ته گهڻي قدر ماڻهو ڪاري رنگ واري ڪپڙن جي ماڻهن کان سدائين پاسيرا ۽ ڊنل نظر ايندا آهن.

نوٽ: ڪجهه جاين تي ڪاري رنگ جو پائڻ رسمجن جي ادائگي هوندو آهي اهڙي حوالي انهن ماڻهن ۾ اهڙيون خاصيتون هجڻ ضروري ناهن جيڪي ڪنهن به رسمي يا سماجي اصول جي آڌار تي ڪارا ڪپڙا پائيندا هجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.