جئه شاهه هوڏ تي قائم، ايشيا ڪپ جو وينيو ۽ شيڊيول مذاق بڻجي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ( اي سي سي ) ايشيا ڪپ جي شيڊيول کي مذاق بڻائي ڇڏيو.

اي سي سي جو صدر جئه شاهه پنهنجي هوڏ تي قائم رهندي ايشيا ڪپ جو وينيو تبديل ٿيڻ نه ڏنو. جنهن تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) ان تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي.

پهريان ميچون هيمبنٽوٽا منتقل ڪرڻ تي اتفاق ٿيو ۽ هاڻي ٻيهر شيڊيول موجب ميچون ڪولمبو ۾ ئي ڪرائڻ جو چيو ويو آهي.

لاجسٽڪ جا سمورا انتظام شروع ڪرڻ کان پوءِ وري نئين سر انتظام ڪرڻا پوندا، رانديگر به صورتحال واضح نه هئڻ سبب ٻڏتر جو شڪار آهن.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هڪ طرفو فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪندي اي سي سي جو هنگامي اجلاس سڏائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

پي سي بي مطالبو ڪيو آي ته اجلاس ۾ وينيو شفٽنگ جي حوالي سان گڏيل فيصلو ڪيو وڃي.

ذريعن موجب، اي ميل ذريعي سڀني کي هيمبنٽوٽا جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ وري اي ميل ڪري سڀني کي آگاهه ڪيو ويو ته ميچون شيڊيول موجب ڪولمبو ۾ ٿينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.