لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر نسيم شاهه چيو آهي ته ماضي بابت ڳالهائڻ پسند ناهي، ڀارت سان جڏهن مئچ ٿيندي تڏهن ڏسنداسين.
پنهنجي هڪ بيان ۾ نسيم شاهه جو چوڻ هو ته فلحال سمورو ڌيان ايشيا ڪپ جي مئچز تي آهي، ايشيا ڪپ کٽڻ ۽ عالمي ڪپ ۾ سٺو پرفارم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
قومي فاسٽ بالر چيو ته سڀئي رانديگر سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جنهن سان به فائنل ٿيو بس دعا آهي ته اسان کٽيون.
سُپر فور ۾ ڀارت خلاف ميچ بابت سندس چوڻ هو ڀارت سان جڏهن مقابلو ٿيو تڏهن ڏسنداسين، ايشيا ڪپ ۾ ٻيون ٽيمون به آهن جنهن خلاف تياري ڪري رهيا آهيون.
هن وڌيڪ چيو ته فاسٽ بالر لاءِ پاڪستان ۽ سريلنڪا جون ڪنڊيشنز آسان نه آهن.