ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي نجي اسڪول ۾ عورتن کي هراسان ڪرڻ جي ڪيس ۾ سرڪاري وڪيل جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون اچي ويا.
ڪراچي جي علائقي گلشن حديد ۾ عورت اسٽاف کي هراسان ڪرڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، پوليس جوابدار عرفان غفور کي ملير ڪورٽ ۾ پيش ڪيو.
سرڪاري وڪيل عدالت ۾ دليلن دوران انڪشاف ڪيو ته جوابدار وڏي انگ ۾ عورتن کي هراسان، بليڪ ميل ڪندو رهيو، ان ڪم ۾ هو اڪيلو ملوث ناهي پر سڄو گروهه شامل آهي.
جاچ آفيسر عدالت کي اپيل ڪئي ته جوابدار کان پڇاڳاڇا ڪرڻي آهي، وڌيڪ ڊوائس به تحويل ۾ وٺڻيون آهن، جوابدار جو شڪار بڻجندڙ عورتن جو انگ 45 کان وڌيڪ آهي، جوابدار عورتن کي بليڪ ميل ڪندو هو، اهو سڄو گروهه آهي، جاچ ڪري ٻيون گرفتاريون به ڪرڻيون آهن، جوابدار جي موبائل جي فرانزڪ به ڪرائڻي آهي.
عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ سنگين ڏوهه جي جوابدار عرفان غفور کي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته ان کان اڳ ايس ايس پي ملير حسن سردار چيو هو ته جوابدار عرفان غفور عورتن کي نوڪري جو ڏٽو ڏئي زيادتي جو نشانو بڻائيندو هو.
You might also like