سائنس، انجنيئري ڄاڻ ۽ ادارتي سربراهي

محمد احسان لغاري

تاجِ برطانيه جي غلامي کان آزادي تائين، برطانيه جي انتظامي ميراث اڃان تائين پاڪستان سميت هندستان، سري لنڪا، بنگلاديش، مليشيا، ڪينيا، تنزانيه، زيمبيا، بوسٽوانا ۽ يوگينڊا  ۾ محسوس ڪئي ٿي وڃي. انهن مان ڪافي ملڪن اِن بيٺڪي انتظامي سوچ ۽ عمل ۾ تبديليون ڪيون آهن. پاڪستان ۾ به ڪوششون ٿينديون رهيون آهن. اهي انتظامي سڌارا جن ۾ ڪامورن جي ’ ملڪه جي خادم هجڻ‘ جي ڪردار کي عوامي حڪومتي خادم جي ڪردار ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، گهڻو ڪري ناڪام ويا آهن.اڄ ان ”افسر شاهي جي نظام جي سڌارن“ بابت نٿا ڳالهايون. اڄ ادارتي سرواڻي لاءِ، اداري جي پنهنجي هيئت جي نسبت سان انجنيئري ۽ سائنسي ڄاڻ جي ڪجهه پهلوئن تي  ڳالهايون ٿا.

جيستائين ادارتي سربراهيءَ جي ڪارڪردگي سنڌ جي حوالي سان آهي، ان ۾ ”سپيريئر سروسز“ هجي، سنڌ جا پنهنجي ڪميشن مان پاس ٿيل هجن، چور دروازي کان آيل هجن، انجنيئرنگ شعبي جا هجن، سڀني ڪيڊر وارن پوزيشن تي ڪيڊر وارا پٽڪيدار هجن ، ذري گهٽ سڀ هڪ جهڙا آهن. جهڙيون ٽي ويهون تهڙا سٺ! اڄ جي دنيا ۾، اڪويهين صديءَ جي ٽين ڏهاڪي ۾ جڏهن ماحولياتي مسئلا، موسمياتي ڦيرگهير جي ڪري دنيا ۾ ايندڙ آفتون ۽ وڌندڙ ڇيها، پاڻي جي اڻاٺ، و ڌندڙ آبادي، شهرن جو تمام گهڻو وڌڻ (شهري آبادي)، مصنوعي ذهانت، ڪمپيوٽر جي اڳواڻي واري ماڊلنگ، انٽرنيٽ ۽ ٻيون گهڻيون ايجادون، جيڪي ادارتي وهنوار کان وٺي انتظام ڪاريءَ لاءِ گهڙي پيون آهن، اتي ڪئي اهم ادارا روايتي افسر شاهيءَ جي انتظام ڪاري ۾ نه اُهو لاڀ ڏئي سگهندا  ۽ نه ئي وري مؤثر ٿي سگهندا.

سنڌ جي مختلف کاتن تي جيڪڏهن نظر ٿا وجهون ته ان ۾ سائنسي ڄاڻ ۽ انجنيئري جي حساب سان ڪئي کاتا نظر ايندا! انهن سڀني کاتن ۾ پنهنجي شعبي جا ماهر هوندا آهن.ان ڪري جيڪو دليل ڏنو ٿو وڃي ته سيڪريٽري کي ادارتي سربراھ جي حساب سان ”رولز آف بزنس“ قانونن، قاعدن تي عمل ڪرائڻو هوندو آهي ۽ هو صرف انتظامي سربراھ آهي. ان ڪري ان جي سائنسي، لاڳاپيل شعبي جي يا انجنيئري ڄاڻ جي ڪا اهميت ڪونهي. رٿابندي، ناڻو، هنري تعليم، پائيدار ترقي جا 17 مقصد، عالمي صحت اداري جا پاڪستان لاءِ ٽارگيٽ، پاڻي ۽ موسمياتي ڦيرگهير،  توانائي، ٿر جي ڪوئلي کان وٺي ماڙي گئس تائين، سمنڊ، سنڌ جو وڃايل حق، ٻوڏ ۽ سوڪڙو! انهن مسئلن جي لاءِ عام افسر شاهي جي گهاڙيٽي وارو سرشتو اڻ پورو آهي۽ وڌيڪ بگاڙ پيدا ڪندڙ آهي. سڄي دنيا، پنهنجي دفاعي، سائنسي، سماجي، اقتصادي ۽ ٻين ادارن ۾ انفرادي حيثيت کان وٺي ادارتي سرواڻي تائين ”ڄاڻ جي انتظام ڪاري“کي اپنائين پيا

حال  ۽ مستقبل جي چئلينجن کي ڏ سندي دنيا جا ملڪ بهتر انتظام ڪاري سان گڏ ادارتي ڄاڻ ۽ صلاحيتن کي چئن سطحن ۾ بهتري آڻڻ جون ڪوششون ڪن پيا. هڪ انفرادي سطح تي ڪنهن به ادارتي فرد جي ڄاڻ، تجربي، ڏان، هنر، اعتماد ۽ رويي کي ڪيئن بهتر ڪجي. ٻيو ته ادارتي سطح تي قانونن، قاعدن، ڪم ڪرڻ جي طريقي، روزاني جي بنياد تي ٿيندڙ ڪم ڪار ۾  بهتري آڻجي . ٽيون اهم ڪم اِهو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به اداري مان بهتر ڪم جون اُميدون آهن ته ڇا ان کي اهڙي قسم جون ماحول، حڪومتي پُٺ، انتظامي ڍانچو، ڪم ڪرڻ جون حالتون ڏنيون ويون آهن يا نه ــ چوٿون اِهو ته ادارن کي فعال ۽ جوابده بڻائڻ لاءِ سول سوسائٽي متحرڪ صُورت ۾ آهي يا نه.

ان چئن حالتن لاءِ جيڪڏهن جائزو وٺبو ته ڳالهيون اُن جي اُبتڙ آهي. نوڪريون عام طور تي ميرٽ تي ڪونه ٿيون ملن ان ڪري انفرادي قابليت تمام گهٽ هوندي آهي. وري ادارتي طور تي ترقيون ڪنهن امتحان، ڪارڪردگي، بهتر تجربي جون محتاج ناهن، ۽ نه ئي وري ادارن ۾ تربيت، سکيا جو ڪو ترتيب وار پروگرام موجود آهي، ان ڪري گريڊن جي ترقي جي حساب سان سينيئر جاين واري ليڊرشپ دستاويزي ڪارروائي ۽ لاڳاپيل ادارن جا ڏن ڀري اڳتي پهچيو وڃن. ساڳئي نموني ميرٽ تي ڀرتي ٿيل چٽاڀيٽي وارن امتحانن (سي ايس ايس، پي سي ايس) تان آيل آفيسر هڪ ٽريننگ جي نظام مان ضرور گذرن ٿا. ان سڄي طريقي جي مقصديت اڳين گريڊ ۾ پهچڻ جي ضرورت کانسواءِ ڪجهه به ڪونهي! صوبائي سطح تي انهن آفيسرن جي ڪارڪردگيءَ پڻ عام رواجي ۽ انگريز جي وقت ”پوليٽيڪل ايجنٽ“ جهڙي آهي، جيڪو پنهنجن حاڪمن جا حڪم مڃي ٿو ۽ رعيت سان ان حساب سان ئي هلي ٿو ــ ادارتي بهتري، ماڻهن جي تربيت، ادارتي ٽارگيٽ ۽ مقصد حاصل ڪرڻ ۾ نه هن جو ڪوهٿ هوندو آهي، نه ئي هن کان ڪو اهڙو پڇاڻو ٿي ٿو ۽ نه ئي وري اِها هن جي پنهنجي ڪيريئر جي ترجيح هوندي آهي. جيڪو به ڪو بهتر آفيسر جو مثال موجود آهي، اهو ان جي پنهنجي شخصيت جو ڪمال آهي، نه ڪي سياسي طرز حڪمراني ۽ ادارتي نظام جو نتيجو!

جيڪو طرز حڪمراني جو نظام برپا ٿيل آهي، ان ۾ سڀئي هڪ ئي صف ۾ بيٺل آهن. بهتر يا خراب، ٻين سڀن شعبن کي هڪ جهڙو رکندي، اچو ان ڳالهه تي ٿورو ويچاريون ته ڇا بهتر سائنسي، علمي، انجنيئري، پنهنجي شعبي جي مهارت واري ڄاڻ وارو ادارتي سرواڻ بهتر آهي يا ”ڪيڊر وارو سي ايس ايس/ پي ايس ايس“ ڪيل اڳواڻ بهتر نتيجا ڏئي سگهي ٿو. شعبن جو تعداد گهڻو آهي، ان ڪري شايد هر شعبي کي شامل ڪرڻ ناممڪن ٿيندو. ان ڪري ”پاڻي“ واري شعبي تي ڪجهه ڏي وٺ ڪجي ته بهتر آهي. پاڻي جي سياسي اڳواڻي کان وٺي ادارتي اڳواڻي تائين ايڪويهين صديءَ جون ضرورتون باقي شعبن جي حساب سان بلڪل مختلف آهن. سنڌ لاءِ خاص ڪري پاڻيءَ جي ورڇ، سنڌ تائين پاڻيءَ جو گهٽ پهچڻ، سامونڊي پاڻي جو چاڙھ، سُڪندڙ ڊيلٽا، بلوچستان ، پنجاب ۽ سنڌ جو پنهنجي ڊرينيج جو پاڻي، سنڌ طاس معاهدو، 1991 اَڪارڊ، موسمياتي  ڦيرگهير، سنڌ جي وڏي ۾ وڏي شهر ڪراچي ، ٻين شهرن ۽ ٻهراڙيءَ لاءِ پيئڻ جو پاڻي، سنڌؤ ۾ مٿان کان وٺي ۽ سنڌ اندران ايندڙ گدلاڻ جهڙا تمام  وڏا مسئلا آهن، جنهن کي عام مروج طريقن سان حل نٿو ڪري سگهجي.

پاڪستان ۽ سنڌ جي پاڻيءَ جي پاليسي چِٽي نموني ڏس ڏين ٿيون ته پاڻيءَ جي انتظام ڪاريءَ جو مربوط نظام هلايو ويندو. ان لاءِ”آبپاشي کاتي“ ۾ سڌارا آندا ويندا ۽ ان کي هڪ ”آبپاشي ۽ پاڻيءَ جي ذريعن جي انتظام ڪاريءَ جو کاتو“ بڻايو ويندو. ان سان گڏ جر جي پاڻيءَ جي انتظام ڪاري، آبادگار تنظيمن کي سڄي سنڌ ۾ وسيع ڪرڻ، پاڻيءَ جي معيار کي بهتر ۽ يقيني بڻائڻ، ڪاڇي، ڪوهستان، ٿر، ڊيلٽا ۽ ٻن غير آبپاشيءَ علائقن ۾ پاڻي جي انتظام ڪاري ڪرڻ، ٻوڏن ۽ سوڪڙي کي ڏور رس انتظامن جي نظر سان ڏسڻ پڻ ان نئين تبديل ٿيل کاتي کي ڪرڻو هوندو.

حڪومتن کي ان ڳالهه جو احساس ڪرڻو پوندو ته هي سنڌ ۽ پاڪستان جي مستقبل جو سوال آهي، ان ڪري پاڻيءَ جي ان اهم اداري کي ”وڏن پراجيڪٽن  ۽ ان مان ٿيندڙ ڪمائي ۽ وڏن ماڻهن لاءِ اُڪا واٽر (ڊائريڪٽ آئوٽ ليٽ) ڏيڻ وارو کاتو نه سمجهيو وڃي. ان ۾ نواڻ، ميرٽ، شفافيت سان بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

جيڪڏهن تاريخي طور تي ڏسون ته سنڌ جي پاڻيءَ جو ڪيس يا ته سياستدانن يا اداري جي انجنيئر سربراهن وڙهيو آهي. 1945ع سنڌ طاس معاهدو جيڪو گڏيل هندستان ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ جي باري ۾ هو، تنهن ۾ بنيادي ڪردار انجنيئر سيڪريٽرين جي-ايل گرانٽ ۽ ايس-جي مصطفيٰ جو هو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪيترائي اهم نالا آهن، جن سنڌ جي پاڻيءَ جو ڪيس، پنهنجي ادارتي سربراھ طور وڙهيو، ان ۾ سائين عبدالوهاب شيخ صاحب ۽ وري مشرف جي ڪٺن دور ۾ سائين اي-اين-جي عباسي صاحب هڪ تاريخي ڪم ڪري ڏيکاريو. پاڻيءَ جي مسئلن کي نئون رُخ ڏيندڙ سائين عبدالرسول ميمڻ صاحب ۽ ڪئي اهم عالم انجنيئرن جا نالا آهن، جن پاڻيءَ تي سنڌ جي حق لاءِ  وڏي علمي ويڙھ ڪئي. انجنيئرن تباهي به وڏي ڪئي آهي گهٽايو ٻين به ناهي!

جيڪڏهن ڪا به سياسي پارٽي جڏهن اقتدار ۾ اچي ٿي، ان کي سوچڻ کپي ته پاڻي جي وزارت کان وٺي پاڻيءَ جي سيڪريٽري تائين، پاڻي سان لاڳاپيل ڄاڻ، انتظامي برجستائپ، سمجهه، ڏاهپ  ۽ سنڌ جي ڪيس کي اڳتي ڪرڻ جي صلاحيت هجڻ کپي.

عالمي تحقيق چٽي ريت بيان ڪن ٿيون ته ”پاڻي جي سرواڻي“ لاءِ پاڻي بابت بنيادي علم، ماڻهن سان گڏ ڪم ڪرڻ  ۽ انهن کي شامل ڪرڻ جي صلاحيت، ٽيڪنيڪل ۽ سائنسي فيصلا سازي جو گڻ، مشڪل حالات ۾ تدبر سان اڳتي نڪرڻ جي صلاحيت پڻ شامل آهي.

منهنجو پنهنجو مشاهدو ۽ تجربو ٻن ’انجنيئر‘ سيڪريٽرين جي باري ۾، جيڪي منهنجي نوڪري دوران منهنجا سخت ترين مخالف رهيا ۽ ڪئي پنا ڪارا ڪيائون، پر ٻن اهم موقعن تي ڇاڪاڻ ته هو ’پاڻيءَ جي ڄاڻ‘ وارا سيڪريٽري هئا، انهن جي ان ڄاڻ مطابق فيصلا سازي وڏي نقصان کان بچاءُ ڪيو. 2010ع جي ٻوڏن جي دوران، درياءَ جو بلند ترين وهڪرو ڪوٽڙي بئراج مان گذري رهيو هو، آئون حيدرآباد کي بچائيندڙ بندن تي انتظامي هيڊ هئس . دريائي ٻوڏ ۾ جيڪڏهن هڪ انچ جي به لاٿ ايندي آهي ته سمجهبو آهي ته هاڻ ذري گهٽ خير آهي. حيدرآباد جي حدن کان مٿي ڀاڻوٽ واري بند وٽ پاڻيءَ جي لاٿ اچي چڪي هئي، پر اُها لاٿ حيدرآباد واري گهلياڻ بند وٽ نه پهتي هئي. بلڪه هڪ اڌ انچ پاڻي چڙهيو پئي، تنهن تي ٻن ڄاڻو انجنيئرن جيڪي بند تي ڊيوٽي ۾ هئا مون کي ٻڌايو ته ”سائين لڳي ٿو ته ڪوٽڙي بئراج جا ڪجهه دروازا هيٺ آهن!“ خبر پئي ته واقعي ڪوٽڙي بئراج جي ان وقت جي چيف انجنيئر پاڻي کي سڌو رستو ڏيڻ لاءِ دروازا هيٺ ڪرايو ويٺو هو. جيڪڏهن ٻوڏ وچولي تائين هجي ته پوءِ دريا جي وهڪري کي وچ تي رکڻ لاءِ دروازن جي ليول اهڙي نموني ڪبي آهي، ان تي پورو هڪ طريقيڪار لکيل صورت ۾ هوندو آهي، جنهن کي بئراج جو عملو انجنيئر جي سربراهي ۾ عمل ۾ آڻيندو آهي. پر جڏهن وڏي/سپر ٻوڏ هجي ته پوءِ سڀ دروازا کولي ڇڏبا آهن ۽ بئراج جو ڪم ’پل‘ وارو ٿي        ويندو آهي. مون واسطيدار چيف انجنيئر کي چوڻ کانپوءِ ان وقت جي ڊي سي او کي چيو، جنهن گورنر کي چيو ۽ سيڪريٽري صاحب تائين ڳالهه پهتي. يڪدم سيڪريٽري صاحب ڪوٽڙي بئراج پهتو  ۽ اسٽاف کي تنبيهه ڪندي چيائين ”توهان کي خبر ڪونهي ته وڏي ٻوڏ ۾ دروازا کولي ڇڏبا آهن“….  ۽ پوءِ ايس او پي مطابق ڪئي ڪلاڪ بئراج تي ويهي مرحوم سيڪريٽري صاحب دروازا مٿي ڪرايا، جنهن جي نتيجي ۾ اسان وٽ پاڻي ۾ لاٿ آئي  ۽ حيدرآباد شهر تان هڪ وڏو خطرو ٽريو. جيتوڻيڪ دروازا هيٺ ڪرڻ جو فيصلو به هڪ انجنيئر جو هو، پر ڇاڪاڻ ته سيڪريٽري کي وڌيڪ سائنسي ڄاڻ هئي ته ”وڏي ٻوڏ ۾ بئراج، صرف هڪ پل جو ڪم ڪندي آهي“! جنهن جي نتيجي ۾ هن وقتائتو فيصلو ڪيو.

بهتر آهي ته پاڻي واري يا اهڙي ئي نوعيت جي ڪنهن ٻئي شعبي جي ادارتي سربراهي ”ان شعبي جي ڀڙ/ماهر وٽ هجڻ کپي، جن ۾ انتظامي صلاحيتون پڻ هجن. ان سان گڏ اِها ڳالهه پڻ اهم آهي ته طرز حڪمراني  ۽ ادارتي انتظام ڪاري کي بهتر بڻايو وڃي. ادارن اندر بيٺل بدعنواني جي هاٿي کي گهٽ ۾ گهٽ ٻڪري جيترو ڪيو وڃي. حڪومتي ۽ ادارتي عهديدار ان ۾ پنهنجي ونڊ پتيءَ ۾ پنجاھ سيڪڙو کان به وڌيڪ گهٽتائي ڪن. ڪنهن هڪ اداري کي اڪيلائي ۾ بهتر نٿو ڪري سگهجي، ان لاءِ طرز حڪمراني کي گهڻو بهتر ڪرڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.