ڪنڌڪوٽ( ويب ڊيسڪ ) ڪنڌڪوٽ ۾ چوٿين ڏينهن به شٽربندهڙتل ڪيمپ قائم احتجاجي ڪيمپ ته سردارتيغوخان تيغاڻي پهچي ڪري عوامي آوازسان ڳالهائيندي چيوته آئون هميشه کان امن پسند رهيوآهيان مان فوجي آپريشن جو حمايتي رهيو آهيان پرفوجي آپريشن ڇونه ٿو ڪيو وڃي.
هن چيو ته ڪهڙا هٿ آهن جيڪي فوجي آپريشن نه ٿا ڪرائڻ ڏين، هن چيو ته آئون هروقت عوام سان روڊن احتجاجن ۾ گڏ آهيان،ڪنڌڪوٽ ڪشمورمان اغواٿيل مکي جڳديش ڪمار جئي ديپ ڪمار علي مراد مشتاق محمداڻي سميت اغواٿيلن کي جلدبازياب ڪرايو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته بدامني سبب ڪاروباربند آهن عام ماڻهو محفوظ نه آهي خبرناهي ته ڪشمورپوليس خاموش بڻيل ڇوآهي،عوام کي اپيل ڪيان ٿوته هوايندڙ اليڪشن۾ اڳين چونڊيل نمائندن کي ووٽ نه ڪن.