اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزارت بجلي جي بلن ۾ رليف جو نئون پلان آءِ ايم ايف کي موڪلي ڇڏيو.
ذريعن موجب آءِ پي پيز لاءِ مختص واڌو رقم کي بجلي بلن ۾ رليف ڏيڻ لاءِ ايڊجسٽ ڪري سگهجي ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بل مان قسطون وصول ٿيڻ تي 15 اربن کان وڌيڪ جي اها رقم واپس آءِ پي پيز لاءِ رکي ويندي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان نئين پلان تي ناڻي واري وزارت جون اختياريون ٻيهر ڳالهائينديون، نئين پلان ۾ آءِ ايم ايف کي بجيٽ کان ٻاهر رليف نه ڏيڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ عالمي مالياتي فنڊ نگران حڪومت جو بجلي بلن ۾ رليف جو پلان رد ڪري ڇڏيو.
You might also like