گاريون ڏيندڙ برگيڊ يا سياسي جماعتون ؟

حامد مير

ڪرن ٿاپر، هندستان جي ڪجهه صحافين مان هڪ آهي، جن تي هر حڪومت ناراض رھي ٿي. ھندوستان جو  وزيراعظم نريندر مودي 2007ع کان ھن سان ناراض ٿيو ۽ اڄ تائين ناراض آهي. ڪرن ٿاپر جو جيئن ئي مودي سان انٽرويو شروع ٿيو، تھ گجرات ۾  مسلمانن جي قتل عام ۾ مودي انتظاميا جي ملوث هجڻ بابت سوال تي مودي لاجواب ٿي ويو ھو.

مودي صرف ٽن منٽن کانپوءِ انٽرويو ختم ڪري ڇڏيو ۽ وري ڪڏھن ڪرن ٿاپر کي ٻيهر انٽرويو ڏيڻ جو خطرو نه کنيو. گھڻو اڳ ڪرن ٿاپر، جي تيز سوالن بي بي سي جي پروگرام ”هارڊ ٽاڪ“ کي شھرت بخشي ھئي. اڄڪلهه هو ”دي وائر“ لاءِ انٽرويو ڪري ٿو. گذريل هفتي ڪرن ٿاپر مون سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جي صورتحال تي مون سان انٽرويو ڪرڻ چاهي ٿو. مون عرض ڪيو ته مان به توهان وانگر صحافي آهيان، توهان منهنجي بدران حڪومت جي ڪنهن نمائندي جو انٽرويو وٺو. ڪرن ٿاپر جو چوڻ ھو ته ھندوستان  ۾ سندس ڏسندڙ اهو ڄاڻڻ چاهين ٿا ته عمران خان جو مستقبل ڇا آهي ۽ پاڪستان ۾ چونڊون ٿينديون يا نھ ؟

مان  انٽرويو کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي ڇاڪاڻ ته پاڪستاني ميڊيا تي ڳالھائڻ سولو آھي پر ھندوستاني  ميڊيا تي ڳالهائڻ مشڪل آهي، ڇو ته اتي ٽيليويزن تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه به پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ بڻجي وڃي ٿي ۽ موجوده حالتن ۾ پاڪستان جو دفاع ڪرڻ گھڻو ڏکيو ڪم آهي. ڪرن ٿاپر، پڇيو ته اوهان 90 ڏينهن اندر چونڊن جي  ڇو حمايت ڪري رهيا آھيو ، حالانڪھ  ائين ٿيندي مشڪل نظر اچي رهيو آهي، مان پڇڻ چاهيان ٿو ته اوهان نوانوي ڏينهن اندر چونڊون ڇو ٿا چاھيو؟

مون کي خبر هئي ته هو ٻيو بھ  گهڻو ڪجهه پڇندو، هن کان اڳ بھ ڪيترائي ڀيرا انٽرويو  ڏئي چڪو آهيان. ھو گفتگو کي  پاڪ-ھند  جنگ ۾ تبديل ناھي ڪندو. تنهنڪري مون انٽرويو لاءِ رضامندي ظاھر ڪئي.اهو هڪ لائيو انٽرويو هو ۽ انٽرويو ختم ٿيڻ کان پوءِ مان معمول جي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويس. ڪجهه دير کان پوءِ هڪ ٻئي هندستاني چينل تان فون آيو. جنهن ۾ ڏاڍي شائستگي سان احتجاج ڪيو ويو ته توهان ،ڪرن ٿاپر، کي  بار بار انٽرويو ڏيو ٿا ۽ اسان کي وقت نٿا ڏيو، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. مون به عاجزيءَ سان چيو ته هڪ صحافي هڪ ڏينهن ۾ ڪيترا انٽرويو ڏئي سگهي ٿو، مون وٽ ايترو وقت ناهي جو هر وقت انٽرويو ڏئي سگهان.

شايد منهنجا لفظ نامناسب هئا، خير، ھندوستاني صحافي چيو ته، ڪرن ٿاپر جي انٽرويو کانپوءِ سوشل ميڊيا تي توهان جي خلاف جيڪو طوفان اٿيو آهي، اهو شايد اسان جي انٽرويوءَ تي نه اٿي ھا. ڇو ته اسان توهان سان پاڪستان ۽ ھندوستان وچ ۾ ڪرڪيٽ ميچ بابت به ڳالهايون  ها. پر ڪرن ٿاپر، تھ ڪرڪيٽ بابت هڪ به سوال نه پڇيو. مون ٻڌايو ته اسان جو بنيادي موضوع پاڪستان جو آئين هو، پوءِ ھندوستاني صحافي چيو ته مان توهان کي ڪجهه لنڪس موڪلي رهيو آهيان، توهان پاڻ ڏسو ته توهان جي انٽرويو تي ڪهڙو رد عمل آيو آھي.

هندستاني صحافي مون کي ڪيترائي لنڪس موڪليا. مون وٽ وقت نه هو ته انهن لنڪس تي وڃي ردعمل  ڏيان . پوءِ وري  تحريڪ انصاف جي هڪ اڳواڻ جو فون آيو. چوڻ لڳو  ته اوهان ڪرن ٿاپر، کي صحيح چيو ته چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿيڻ گهرجن، پر اوهان اھو صحيح نه چيو ته عمران خان وٽ اسٽريٽ پاور ناهي، مون پنهنجي ھن ڀاءُ کي ياد ڏياريو ته منهنجا اصل لفظ هي هئا ته، عمران خان هڪ مقبول اڳواڻ آھي. جنهن گذريل سال ڪيتريون ئي ضمني چونڊون کٽيون پر ٻن موقعن تي ھن جي اسٽريٽ پاور جو امتحان ھو.

پهريون ڀيرو مئي 2022ع ۾جڏھن ھن  اسلام آباد تي  ڪاھ  ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ پوءِ واپس هليو ويو، ٻيو ڀيرو هو نومبر 2022ع ۾ راولپنڊي آيو ۽ ٻه صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪري واپس هليو ويو. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شڪايت ڪئي تھ توهان ڪرن ٿاپر ،کي اھو ڇو چيو ته عمران خان جي دور ۾ توهان تي 9 مهينن لاءِ پابندي لڳائي وئي هئي، توهان کي چوڻ گهرجي ها ته اها پابندي جنرل قمر جاويد باجوا لڳائي هئي. مون کي جواب ڏيڻو پيو ته جڏهن مون تي پابندي لڳائي وئي ته، بي بي سي جي پروگرام ”هارڊ ٽاڪ“ ۾ اسٽيفن سيڪر کي مون اھو  چيو هو ته مون تي اسٽيبلشمينٽ طرفان پابندي لڳائي وئي آهي پر عمران خان بھ بطور چيف ايگزيڪيوٽو  ذميوار آهي.  اھو فون بند ٿيو مسلم ليگ ن جي اڳواڻ جو ميسيج آيو.مختصر ميسيج ۾ لکيو ويو هو ته ڪرن ٿاپر، کي ڏنل انٽرويو ۾ تون تحريڪ انصاف جو ترجمان لڳي رهيو ھئين، مون هن دوست کي فون ڪيو ۽ کلندي هن کان پڇيو ته توهان منهنجي ڪهڙي جملي کي تحريڪ انصاف جي ترجماني طور ڏٺو؟ چوڻ لڳو توھان بار بار  90 ڏينهن ۾ اليڪشن ڪرائڻ تي  ڇو اصرار ڪري رهيا آهيو؟ اھو اصرار تھ تحريڪ انصاف ڪري رھي آھي .مون وڏي ادب سان عرض ڪيو ته آئين جي آرٽيڪل 224 ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو لکيو ويو آھي ۽ منهنجي خيال ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ جيڪو به فيصلو ڪيو ويو ھو ، اهو آئين جي ڀڃڪڙي جو جواز نٿو مھيا ڪري.  ان ئي شام ڪشميري حريت پسند اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ورسي تي  هڪ تعزيتي ريفرنس ۾ هڪ رٽائرڊ جنرل پنهنجي ڪڙڪيدار  انگريزيءَ ۾ چيو ته، ڪرن ٿاپر ،توهان کان پڇيو ته پاڪستان ۾ ٻيهر مارشل لا جو ڪو خطرو تھ ناهي، جنهن تي توهان جواب ڏنو. ارڙهين ترميم ڪنهن به عدالت کي مارشل لا جي توثيق کان روڪي ڇڏيو آهي،حلانڪھ  توهان کي جواب ڏيڻ گهرجي ها ته پاڪستان ۾ عملي طور مارشل لا لاڳو ٿي چڪو آهي.

ڪجهه لمحن جي خاموشيءَ کان پوءِ مون رٽائرڊ جنرل کان پڇيو، ڇا تون اهو بيان ٽي وي تي ڏيندين؟ جنرل ناراض ٿي ڪري منهن موڙيو ڇڏيو، مون ان ڪاوڙيل  جنرل کي ٿوري گستاخي سان چيو ته، تو هان  جھڙن ماڻھن مفاد پرست سياستدانن سان گڏجي،وطن عزيز جو جيڪو حال ڪيو آھي.ان ۾ ڪنھن ھندوستاني  ٽي وي چينل تي،بهترين دفاع اهو آهي ته پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 6  فوجي بغاوت جو رستو هميشه لاءِ بند ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته آئين ٽوڙڻ وارن کي ڪا به عدالت تحفظ فراهم نٿي ڪري سگهي.ان ڪري جج صاحب  خوف جون زنجيرون ٽوڙي آئين جو دفاع ڪن.ڪاوڙيل جنرل اھو ٻڌي  وري مون ڏانهن ڏٺو ۽ ٿورو مسڪرائيندي چيو، ”تون صحيح ٿو چوين“.

ڪرن ٿاپر کي ڏنل انٽرويو، تي تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ (ن) ٻئي مون کان ناراض آهن، ڇاڪاڻ ته مون انهن ٻنهي جي مفاد ۾ ڪجهه به ناھي چيو، مون کي جيڪو پاڪستان جي آئين موجب صحيح لڳو اھو چئي ڇڏيو .ٻئي جماعتون اڄ ڪلھھ سوشل ميڊيا تي گارين جي  مقابلي ۾ مصروف آهي ۽ ان مقابلي ٻنهي جي وچ ۾ فرق ختم ڪري ڇڏيو آهي، ٻنهي وٽ عوام جي مسئلن جو هڪ ئي علاج آهي ۽ اهو آهي گاريون ڏيڻ ۽ الزام مڙھڻ ، ڪرن ٿاپر ۽ مون جهڙا گستاخ صحافي  اھڙي قسم جي گارين ڏيندڙ برگيڊز جو  ھميشھ  کان نشانو رھيا آھيون  ۽ صحافي جي حيثيت ۾ اھو ئي اسان جو فخر آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.