اسلام آباد (اي پي پي) آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم خصوصي عدالت جي جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين جي موڪل تي هئڻ سبب مخدوم شاهه محمود قريشي جي ڪيسن جي ٻُڌڻي 7 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي. ڪالهه خصوصي عدالت جو جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين ذاتي مصروفيتن سبب موڪل تي هليو ويو. عدالتي عملي طرفان پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ليگل ٽيم کي ٻُڌايو ويو ته جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين 8 سيپٽمبر تائين موڪلن تي آهي جنهن کان پوءِ ليگل ٽيم ايڊمنسٽريٽو جج راجا جواد عباس حسن جي عدالت ۾ پهچي وئي ۽ ضمانت لاءِ درخواستون ٻُڌڻ جي گذارش ڪئي.