ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري جي ترجمان موجب عوام کي درخواست ڪئي وئي آهي ته راشن حاصل ڪرڻ لاءِ فقط لاڳاپيل ڪئمپ يا گورنر هائوس ۾ رجسٽريشن ڪرائي وڃي. گورنر هائوس مان جاري ڪيل پريس پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته لياقت آباد ۾ پاڪستان تحت راشن جا ٿيلها ورهائڻ جو ڪو اعلان نه ڪيو ويو هو ۽ نه ئي راشن جي ٿيلهن جا ڪي ڪارڊ ورهايا ويا هئا. جڏهن ته گذريل ڏينهن الڪرم اسڪوائر تي ڪئمپ لڳائي وئي هئي ۽ رجسٽريشن ڪرائيندڙن ۾ ئي راشن ورهايو ويو هو.