ڪراچي(م ڊ)سوشل ميڊيا موجب ٿرپارڪر ڊسٽرڪٽ بار جي صدر مصطفيٰ هنگورجو چيو آهي ته ٿرپارڪر جي وڪيل برادري طرفان اڄ شام 5 وڳي ڪنڌڪوٽ جي مغوين جي جلد بازيابي لاءِ نيشنل بئنڪ مٺي کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويندو. ٿر جي سول، صحافي برادري، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن، واپارين، شاگردن کي شرڪت جو سڏ ڏجي ٿو.