نصيرآباد (رپورٽ: بشير احمد بروهي) نصيرآباد ھندو نوجوان اتحاد پاران پريا ڪماري ۽ ٻين جي آزادي لاءِ ھندو پنچائت طرفان سنڌ اندر وڌندڙ بدامني اقليتي برادري مٿان ٿيندڙ ظلم ڏاڍ ۽ معصوم پريا ڪماري سميت ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ضلعي مان اغوا ٿيل مکي جگديش ڪمار، ساگر ڪمار، جئديپ ڪمار، منيرنائچ، نازيا ڪوثر سميت سمورن مغوين جي آزادي لاءِ ھريش ڪمار آھوجا ۽ وڪي نانگديو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي مختلف چوڪن کان ٿيندي آرٿر پل وٽ پهتي جتي ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن جو چوڻ هو ته هندو برادري خلاف ظلم بند ڪيو وڃي، ڌاڙيل رياست کان ڏاڍا ٿي ويا آهن، روزانو ماڻهن کي اغوا ڪيو پيو وڃي، سنڌ ۾ اغوا ٿيل سمورن مغوين کي آزاد ڪرايو وڃي.