اکين کي هميشه لاءِ پسند جو رنگ ڏيڻ لاءِ ڇا ڪجي؟

ڪجهه سال اڳ پنهنجين اکين جو رنگ ڪاري مان هلڪو نيرو ڪرڻ هڪ خيالي تصور کان وڌيڪ ڪجهه نه هو پر اڄ طبي ۽ ٽيڪنيڪي ترقي سبب اهو نه رڳو ممڪن آهي پر تيزي سان مشهور به ٿي رهيو آهي.
Keratopigmentation يا corneal tattoing جو طريقو اکينجي مٿين شفاف جهلي جي بيماري ۾ مبتلا مريضن لاءِ تيا ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ اهو هاڻ اکين جي تبديلي جي خواهشمندن ۾ مقبوليت حاصل ڪري ويو آهي.
اکين جو رنگ محفوظ طريقي سان تبديل ڪرڻ ڊگھي عرصي کان ناممڪن طور تي ڏٺو ويندو هو پر اڄ ڪيترائي طريقا موجود آهن. 10 سال اڳ هٿرادو آئرس (پُتلين جو) امپلانٽ بهترين طريقي سان متعارف ٿيو پر گڏوگڏ ان ان سان صحت لاءِ خطرا به سلهاڙيل هئا. ان کان پوءِ 2017ع ۾ هڪ انقلابي ليزر سرجري ٿي جيڪا رڳو 20 سيڪنڊن ۾ اکين جو رنگ ڀوري مان نيرو ڪري سگھي پئي. پر اڄ ڪيراٽوپگمينٽيشن محفوظ ترين طريقو قرار آهي جيڪو اکين جو رنگ مستقل طور تي تبديل ڪرڻ لآءِ جديد مشينري ۽ حياتياتي طور تي تيار ڪيل روغن جو استعمال ڪري ٿو.
انسان جي اکين جو رنگ هڪ جينياتي خصلت آهي جنهن جو دارومدار اکين جي پُتلين ۾ melanin نالي مادي جي مقدار ۽ ورهاڳي سان ٿئي ٿو. مثال طور ڪاري ۽ ڀوري رنگ جي اکين وارن ماڻهن ۾ ميلانين وڌيڪ هوندو آهي جڏهن ته جن ماڻهن جون اکيون هلڪيون رنگ جهڙوڪ سائيون ۽ نيريون هونديون آهن، انهن جي اکين جي مٿين حصي ۾ ميلانين گھٽ هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.