ڏهرڪي: مختلف تنظيمن ۽ اقليتي برادرين جو مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاج

ڏهرڪي ۾ هندو پنچائت جي سڏ تي مختلف تنظيمن ۽ اقليتي برادرين پاران ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور مان اغوا ٿي ويل مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو.
هندو پنچائت جي سڏ تي هندو، سک ۽ مينگهواڙ برادرين سميت مختلف سياسي سماجي تنظمين ايس ٽي پي، جسقم ۽ سول سوسائٽي پاران مکي جگديش ڪمار، روهڙي جي معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ پنچائتي هال کان احتجاجي ريلي ڪڍي جامع مسجد چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.
ان موقعي تي مکي انيل ڪمار، مکي ڪيلاش جوت، ۽ ٻين جو چوڻ ه وته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي پر سازش تحت سنڌ ڌرتي جو امن تباھ ڪيو پيو وڃي. خاص ڪري ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، سکر، گهوٽڪي ۽ شڪاپور ۾ اغوائن جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي.
هنن چيو ته غوين جي آزادي لاءِ ڀنگ جي ڳري رقم لاءِ انهن مٿان وحشاڻو تشدد ڪري وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري دهشت پکيڙي پئي وڃي.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته اسين آرمي چيف کي اپيل ٿا ڪريون ٿا ته سنڌ ۾ اغوا ٿيل مغوين کي فوري طور تي بازياب ڪرائي اغوا انڊسٽري جو راڄ ختم ڪرايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.