پاڪستان ۾ 5 ڪروڙ موبائيل فون تيار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪي سطح تي موبائيل فون تيار ڪندڙ يونٽ هيل تائين پنج ڪروڙ موبائيل فون تيار ڪري چڪو آهي.

ياد رهي ته هلندڙسال اپريل م خا مال جي ختم ٿيڻ ۽ درآمد ۾ ڏکيائي سبب سڀ يونٽس بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو ۽ ملازمن کي فارغ به ڪيو ويو هو.

هاڻي وري حڪومت دعويٰ دعويٰ ڪئي آهي ته هنن پنج ڪروڙ موبائيل فون تيار ڪيا آهن.

ٽويٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ جي 33 موبائيل يونٽ تيار ڪندڙن مجموعي طور تي 5 ڪروڙ موبائيل فون تيار ڪيون آهن، موبائيل فونز جيملڪ ۾ تياري سان 40 هزار نيون ملازمتون به ٺهيون آهن.

اهو ناهي ٻڌايو ويو ته اهو سڀ ڪيتري مدي ۾ ٿيو آهي ۽ اهي موبائيل فون ڪهڙا هئا؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.