مقبول اداڪارا نرگس فخري ڊگهي وقت کان ڪنهن پراجيڪٽ ۾ نظر ناهي آئي، هي اداڪارا ماڻهن کي پسند ته اچي رهي هئي پر پوءِ انڊسٽري کان پري ڇو هلي وئي آهي؟
ان حوالي سان هن هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو هو.
راڪ اسٽار فلم ۾ پنهنجي من موهيندڙ اداڪاري ذريعي مقبوليت ماڻيندڙ نرگس فخري کي ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ ساڙ ۽ حسد جي نظر سان ڏٺو ويو. کيس اعتراض جوڳن منظرن جي آڇ ڪئي وئي.