ڇا شاهه رخ خان جي فلم ”جوان“ فيملي سان گڏ ڏسي سگھجي ٿي؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ڪنگ شاهه رخ خان پنهنجي فلم ”جوان“ جي رليز کان اڳ مداحن سان سوشل ميڊيا تي سيشن ۾ دلچسپ جواب ڏنا.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي ”آسڪ ايس آر ڪي“ سيشن ۾ شاهه رخ خان کان مداحن مختلف سوال ڪيا.
هڪ مداح اداڪار کان سوال ڪيو ته فلم جوان فيملي سان گڏ ڏسي سگھون ٿا؟ ان ۾ اهڙو تهڙو ته ناهي؟
ان جي جواب ۾ شاهه رخ خان چيو ته ها اوهان پوري فيملي سان گڏ ڏسي سگھو ٿا، سڀني جي ڏسڻ لاءِ سٺي آهي.
هڪ ٻئي مداح شاهه رخ خان کان سوال ڪيو ته فلم جوان 7 ڀيرن کان گھٽ ڏسڻ ثواب آهي يا گناهه؟
ان جي جواب ۾ اداڪار چيو ته خبر ناهي ته ثواب آهي يا گناهه. پر تون بڻجي ويندي آڊينس جو پيءُ.
ٽين مداح ٻڌايو ته هو پنهنجين 36 گرل فرينڊز، 72 اڳوڻين گرل فرينڊز ۽ 80 دوستن سان گڏ جوان ڏسڻ ويندو.
جواب ۾ ڪنگ خان چيو ته واهه ڀاءُ تنهنجي جواني ته چمڪي رهي آهي. عيش ڪر.
هڪ ٻئي مداح شاهه رخ خان پڇيو ته ”جوان 2“ ڪڏهن ايندي؟
اداڪار سوال ڪندڙ مداح کي جواب ڏنو ته پهريان اها ته ڏس. ٻار جو ساهه ڪڍندين ڇا؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.