پاڪستان ۾ ٽي بي جا مريض وڌي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ٽي بي جي ماهر ڊاڪٽر عامر چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٽي بي جي مريضن جو انگ وڌي رهيو آهي.
اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ٽي بي جي ماهر ڊاڪٽر عامر چيو ته روز جي بنياد تي 132 ڄڻا رڳو ٽي بي وگھي فوت ٿي وڃن ٿا.
هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽي بي جي عالمي صحت جي بحران سنگين رخ اختيار ڪري ورتو آهي، ٽي بي جي پکڙجڻ جي حوالي سان پاڪستان عالمي سطح تي پنجين نمبر تي آهي.
هن موجب ٽي بي ڪنٽرول پروگرام باوجود مريضن جي انگ ۾ اضافو ڳڻتي جوڳو آهي.
ڊاڪٽر عامر زور ڏنو ته 22 سيپٽمبر تي ٿيل يو اين ٽي بي ڪنٽرول پروگرام ۾ وزيراعظم کي شريڪ ٿيڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.