”حجاب جي ڏيڍ گَز ڪپڙي کان سڄو يورپ ڊڄي ٿو“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته حجاب جي ڏيڍ گَز ڪپڙي کان سڄو يورپ ڊڄي ٿو.
اسلام آباد ۾ حجاب جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ريلي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته حجاب عورتن جي حيا ۽ انهن جي ڪردار جي علامت آهي.
هن چيو ته حجاب ڏيڍ گز ڪپڙو آهي، جنهن کان سڄو يورپ ڊڄي ٿو، اولهه ان تي پابندي رڳو ان لاءِ هنئي، ڇو ته اهي باحجاب عورتن کان ڊڄن ٿا.
سندس چوڻ هو ته حجاب اسان جي معاشري جي تهذيب جي علامت آهي، ڪشميري عورتن کي سلام پيش ڪيون ٿا، جن بندوقن اڳيان به حجاب نه ڇڏيو.
سراج الحق وڌيڪ چيو ته ڀارت جي مسڪان جيئن حجاب لاءِ وڙهي، کيس همت تي ڀيٽا پيش ڪيان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.