وڌيڪ سهڻي بڻجي رهي هئي هي اداڪارا، موت مليس

بيونس آئرس ( ويب ڊيسڪ ) ارجنٽينا جي مشهور اداڪارا سلوينا لونا غلط پلاسٽڪ سرجري سبب حياتي وڃائي ويٺي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، 43 ورهين جي لونا گذريل 79 ڏينهن کان بيونس آئرس جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي ۽ لائف سپورٽ تي زنده هئي جتي خميس جي ڏينهن ڊاڪٽرن سندس گهرڀاتين جي اجازت سان وينٽي ليٽر هٽائڻ جي منظوري ڏني.

اداڪارا سلوينا لونا 2011ع ۾ بُٽ لفٽ سرجري ڪرائڻ کانپوءِ گڙدن جي عارضي ۾ مبتلا ٿي وئي هئي ۽ کيس هفتي ۾ ٽي ڀيرا ڊائلائسس ضرورت محسوس ٿيندي هئي.

سلوينا لونا جو 2015 ۾ گڙدي ۾ پٿري جو علاج ڪيو ويو، هوءَ گڙدن کانسواءِ به ست مختلف بيمارين جو شڪار هئي، جنهن جو سبب ڪاسميٽڪ سرجري ٻڌايو پيو وڃي.

اداڪارا جي پلاسٽڪ سرجري 2011 ۾ ڪاسميٽڪ سرجن انيبل لوٽوڪي انجام ڏني هئي.

بيونس آئرس جي اٽارني جنرل آفيس سلوينا جي موت جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ سندس لاش جي پوسٽ مارٽم جو حڪم ڏنو ويو آهي.

واضح رهي ته سلوينا لونا جو موت ٽي وي ميزبان ۽ فيشن ماهر ماريانو ڪيپرولا جي 2010 جي بٽ لفٽ سرجري جي پيچيدگين سبب وفات جي رڳو ٻن هفتن کانپوءِ ٿي آهي، ۽ اِها سرجري به ڊاڪٽر لوٽوڪي ئي انجام ڏني هئي.

فيبروري 2022ع ۾ ڊاڪٽر لوٽوڪي کي اداڪارا سلوينا لونا ۽ ٽن ٻين عورتن طرفان منظرعام تي آندل بد عنواني جي ڪيس ۾ چار سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي جڏهن ته جولاءِ ۾ هڪ عدالت مٿس پنج سالن لاءِ ميڊيڪل پريڪٽس ڪرڻ تي پابندي  مڙهي ڇڏي هئي.

ڊاڪٽر لوٽوڪي پنهنجي سزائن کي چئلينج ڪندي اپيل داخل ڪئي هئي جنهن تي نيشنل چيمبر آف ڪرمنل اپيلز سندس سزائن جو جائزو وٺي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.