ناري سان گن پوائنٽ تي مبينا جنسي زيادتي، وڊيو به ٺاهي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي اقبال ٽائون ۾ ڇوڪري سان گن پوائنٽ تي مبينا جنسي زيادتي، جوابدار ڇوڪري کان نازيباوڊيو ۽ تصوير ٺاهي 62 لک رپيا ڦٻائي ورتا.
پوليس موجب جهانزيب بلاڪ جي رهواسڻ ناري جي چار مهينا اڳ شفاعت ياسين سان فون تي دوستي ٿي هئي شفاعت ياسين نالي شخص ناري کي ٻڌايو ته هن جا والدين فوت ٿي چڪا آهن.
جوابدار ڇوڪري کان 62 لک رپيا ڦٻايا ماسي سان ملرائڻ ۽ پيسا موٽائڻ جو ڏٽو ڏئي گن پوائنٽ تي جنسي زيادتي ڪئي ۽ وڊيوز، تصويرون ٺاهيون.
ذريعن موجب پوليس متاثر ڇوڪري جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي پر جوابدار گرفتار ناهي ٿي سگھيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.