سکر(رپورٽر) سنڌ هيومين رائيٽس ڪميشن پاران ڪشمور ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿي ويل ٽن هندن مکي جڳديش، معصوم جيتيپ ڪمار ۽ ساگر ڪمار کي فوري ڏوهارين وٽان بازياب ڪرائي هندن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ ہيومين رائيٽس جي سکديو هيومين رائيٽس خط ۾ آئي جي سنڌ کي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي علائقي بڊاڻي مان ٻہ مهينا اڳ اغوا ٿي ويل نوجوان مکي جڳديش ۽ معصوم جئديپ ڪمار جڏهن تہ ڪشمور ڪنڌڪوٽ شهر مان پندرهن ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل ساگر ڪمار جي بازيابي لاءِ پوليس کي فوري ايڪشن کڻي بازياب ڪرڻ جي گهر ڪندي چيو آهي ته سنڌ پروٽيڪشن هيومن رائٽيٽس ايڪٽ 2011 تحت سرڪار کي هندو ڪميونٽي کي مڪمل تحفظ ڏيڻ جو پابند بڻايو ويو آهي تنهن ڪري ان ايڪٽ تحت فوري ايڪشن ورتو وڃي جيڪو ملڪ ۾ رهندڙ اقليتن جو حق آهي.