ڪشمور/ڪنڌڪوٽ(رپورٽ:دليپ ڪيسواڻي+ عرفان علي کوسو) ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ ٻئين ڏينهن تي به ڪاروباري مرڪز بند رکي شٽر بند هڙتال ڪري ڊيرا موڙ وٽ ڪيمپ لڳائي ڌرڻو ڏنو ويو. ڪشمور ضلعي مان اغوا ٿي ويل مغوين ساگر ڪمار، مکي جگديش ڪمار نينگر جئديپ ڪمار ۽ ڊاڪٽر منير نائچ جي بازيابي لاءِ جماعت اسلامي ھندو پنچائت ۽ ڪشمور جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شھرين سميت مختلف برادرين جي ھزارين ماڻهن سنڌ پنجاب بلوچستان جي سرحدي دنگ تي احتجاجي ڌرڻو ڏيئي قومي شاهراهه بند ڪري ڇڏي 12 ڪلاڪن جي ڌرڻي کانپوءِ سنڌ پنجاب بلوچستان ڪي پي ڪي طرف ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ھزارين گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، ڪشمور ڪنڌڪوٽ غوثپور ڪرمپور بخشاپور بڊاڻي جي ھندو پنچائت اڳواڻن سماجي تنظيمن ايس ٽي پي، سٽيزنس ويلفيئر ايڪشن ڪاميٽي ،شھري اتحاد شھري ايڪشن ڪميٽي ۽ مختلف برادرين جي چڱن مڙسن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري مغوين جي بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو، ڪشمور جي ھندو پنچائت جي مکي نريش ڪمار جي اڳواڻي ۾ لڳل ڌرڻي ۾ مزاري، جکراڻي، چاچڙ سومرا، ملڪ کوسا برادري سميت پ پ ايم پي اي شبير علي بجاراڻي جي پي اي فوج علي ڏاھاڻي، سابق پ پ ايم پي حاجي عبدالرئوف کوسو جي پٽن عبدالستار کوسو رئيس واحد بخش چاچڙ، ڀرچونڊي جي ميان عبدالحسيب، ميان علي ۽ ھزارين شهرين جي شرڪت ڪئي،ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن جو چوڻ هو ته مغوي ساگر ڪمار ڊاڪٽر منير نائچ مکي جگديش ڪمار نينگر جئديپ ڪمار جي بازيابي تائين مرڻ گهڙيءَ تائين احتجاجي ڌرڻو جاري رکيو ويندو ھندو پنچائت طرفان ٽن ڏينهن جي شٽر بند هڙتال کانپوءِ ٻئين ڏينهن تي سنڌ پنجاب بلوچستان سرحدي دنگ وٽ ڌرڻو ڏيئي ڦيٿا روڪ ھڙتال ڪئي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رياست ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي مغوين جي بازيابي لاءِ ڪشمور ضلعي جي پوليس ڪي به جوڳا اپاءَ ناهن ورتا ويا ڪشمور مان 26 ڏينهن اڳ ساگر ڪمار کي ڪشمور ٿاڻي ڀرسان ھوٽل تان اغوا ڪيو ويو بڊاڻي مان 2 مھينا اڳ مکي جگديش ۽ نينگر جئديپ کي اغوا ڪيو ويو ۽ گڊو مان ڏيڍ مھينو اڳ ڊاڪٽر منير نائچ کي اغوا ڪيو ويو ڪشمور پوليس مغوين کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي . ڌرڻي ۾ شريڪ شھرين خطاب ڪندي چيو ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ پاڪ آرمي کان فوجي آپريشن ڪرائي ڌاڙيل ڪلچر جو خاتمو آندو وڃي. ڪنڌڪوٽ شھر ۾ ٻئي ڏينهن تي به شاھي بازار، مين بازار، صرافا بازار، گھنٽاگھر چوڪ، ڪشمور روڊ، شوروم مارڪيٽ، موبائيل مارڪيٽ، ميڊيڪل اسٽور، ڪريانا اسٽور، جنرل اسٽور، ڪلاٿ ھائوس سميت شھر جو سمورو ڪاروبار مڪمل بند رھيو جنهن ڪري شھرين کي پريشاني ۽ تڪليف مان گذرڻو پيو ھندو پنچائت جي سڏ تي شھر جي دل گھنٽا گھر چوڪ تي سوين شھري، سياسي سماجي، ڪاروباري طبقو سميت مزدورن مغوين جي بازيابي ۽ ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني جي خلاف احتجاجي ڪيمپ لڳائي جتي ھڪ ڪلاڪ ڀرپور احتجاج ڪيو ويو جنهن بعد سوين شھرين سيٺ نندلال ـ ڊاڪٽر میھرچند، ھريش ڪمار، انجينئر موٽواڻي، گھنشام داس، درپن ڪمار، سنتوش اگروال، فقير گوڪل داس، وڪيل عبدالغني بجاراڻي، حاجي حضوربخش مغل، حافظ نصر الله چنا ـ ظريت بجاراڻي، اڪرم باجڪاني، مير فائق علي خان جکراڻي، سجاد بروھي، غلام مصطفي ميراڻي ـ شاھنواز مرھيٽو، اشوڪ ڪمار سونارو، رياض ڏاھاڻي، رميش ڪمار۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي شھر جو گشت ڪيو.