لاهور ( عوامي آواز نيوز ) سعودي عرب جي پرنس محمد بن سلمان جي آمد دوران مهانگائي جي آڙ ۾هڪ منصوبي تحت مهم هلائڻ ۽ غير يقيني صورتحال ۾ اضافو ڪرڻ جي سازش هڪ حساس اداري پڪڙي ورتي آهي ، نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته اهڙو منصوبو جوڙيندڙن ۾ اهم شخصيتن جي ملوث هجڻ جو امڪان آهي ، ڇوته ٻڌايو وڃي ٿو ته ان مهم دوران ٻن اهم سرڪاري آفيسن کي استعمال ڪرڻ جي به رٿابندي ڪئي وئي هئي ، ان سلسلي ۾ سو شل ميڊيا تي پروپيگنڊا شروع ڪئي وئي ته سعود ي شهزادي محمد بن سلمان حڪومت کي چيو آهي ته جيستائين عمران خان کي آزاد نه ڪيو ويندو تيستائين پاڪستان جي سرزمين تي پير نه رکندس يا عمران خان کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندس ، اها پروپيگنڊا مهم جي ابتدا هئي، نتيجي طور سعودي سفارتخاني کي وضاحت ڪرڻي پئي ته سعودي عرب اهڙو ڪوبه مطالبو نه ڪيو آهي ، پاڪستان جي پرڏيهي کاتي به وضاحت ڪئي ته سعودي شهزادي جي دوري جي اڃان تائين ايجنڊا ئي تيار نه ٿي آهي نه ئي وقت جو تعين ٿيو آهي ، ياد رهي گذريل سال به نومبر ۾محمد بن سلمان کي پاڪستان جي دوري تي اچڻو هو ته عمران خان لانگ مارچ شروع ڪيو هو ۽ اسلام آباد ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪيو هو، نتيجي ۾ دورو ملتوي ٿي ويو هو ، هاڻي محمد بن سلمان کي سرينگر ۾ جي ٽوئنٽي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻي آهي ان ڪري هو پاڪستان ۾ ڪجهه ڪلاڪ ترسندو ۽ پوءِ ڀارت روانو ٿيندو، ان ڪجهه ڪلاڪن ۾سعودي شهزادو نگران وزيراعظم ۽ آرمي چيف سان ملاقات ڪندو جنهن کي به ناڪام ڪرڻ جي رٿا بندي ڪئي وئي پر حساس ادارن ناڪام بڻائي ڇڏي آهي