راڻيپور(رپورٽ فياض حسين راڄپر) نينگري فاطمه ڦرڙو مبينا زيادتي قتل ڪيس، ڊي اين اي رپورٽ ۾ وارثن جا شڪ شبها پيدا ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر، نگران گھرو وزير برگيڊيئر حارث نواز ۽ قانون واري وزير عمر سومرو صحت واري وزير طرفان جوابدار اسد شاهه جو ڪراچيءَ مان اسپيشل طور ڊي اين اي ڪرائڻ جو حڪم جاري ٿيڻ بعد راڻيپور ٿاڻيءَ جو ايس ايڇ او قاضيءَ محمد بچل جوابدار اسد شاهه کي سخت حفاظتي انتظامن ۾ ڪراچيءَ پھچي ويو آھي. جتي ڪراچي ۾ سندس جو اسپيشل طور ڊاڪٽرن جي ٽيم اسد شاهه جا سمپل وٺي ڊي اين اي ڪرائيندي. جڏھن ته ان کان اڳ ڪيس جي فرياديڻ شبنم ڦرڙو ء سڄاڻ ڌرين اعتراض ڪيو ھو ته راڻيپور جا پير ڪيس اثر انداز ٿي رھيا آھن. جنھن تي نگران سنڌ حڪومت جوابدار جو ٿڏي تي فريش جزا وٺڻ جو حڪم جاري ڪيو ھو.جڏھن ته جوابدار اسد شاهه ھن وقت ڪراچيءَ ۾ موجود آهي. جوابدار اسد شاهه کي گهرو کاتي جي حڪم تي منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب جيڪو حڪم ٿيندو ان تي عمل ڪيو ويندو.