سنڌ عوامي فورم جي سڏ تي فاطما ڦرڙو جي قتل ۽ بدامني خلاف حيدرآباد ۾ احتجاج

حيدرآباد (رپورٽر)  سنڌ عوامي فورم جي سڏ تي معصوم نياڻي شھيد فاطما ڦرڙو ۽ صحافي شھيد جان محمد مھر جي قتل ۽ بدامني خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون  ڊاڪٽر انور حاجاڻو، جاويد هاليپوٽو، اڪبر جتوئي، ڊاڪٽر حسن لغاري،  ڊاڪٽر امرشي ٺاڪر، منور سومرو، صوفي حامد امتياز نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ بدامني ۽ لاقانونيت حد کان وڌي وئي آهي. قتل، اغوا ۽ ڦر جا واقعا معمول بڻجي ويا آهن. هنن چيو ته ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور جو ڪچو ڌاڙيلن جي آماجگاهه بڻجي ويو آهي، ڌاڙيل شهرين کي اغوا ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته معصوم پريا ڪماري سميت ڪيترائي مغوي بازياب نه ٿي سگهيا آهن. هنن چيو ته معصوم فاطمه ڦرڙو جا وارث انصاف جا منتظر آهن جڏهن ته ڪجهه ڌريون ڪيس کي خراب ڪرڻ جون ناڪام ڪوششون ڪري رهيون آهن. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ مان اغوا ٿيل سمورن مغوين کي بازياب ڪرائي فاطمه ڦرڙو ۽ جان محمد مهر جي قاتلن کي ڦاهي چاڙهيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.