ايس ايس پي خيرپور اسد شاهه بابت ترديدون ڪندو رهيو

راڻيپور: ڊي آءِ جي سکر عوامي آواز کي ٻڌائيندي  چيو ته ھائير اٿارٽيءَ لکيو ھيو جنھن تي اسد شاھ کي ڪراچي موڪليو ويو ته جيئن  ان جو  ٻيهر جزا وٺي ڊي اين اي ٿيندي.جڏهن ته ايس ايس پي خيرپور روحل کوسو عوامي آواز سان ڪوڙ ڳالهائيندي  ترديد ڪندو رهيو ته اسد شاهه کي ڪراچي وٺي ناهي ويا،جڏهن ته فاطمه ڪيس ۾ عدالت جوابدار اعجاز کي 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، پوليس مرڪزي جوابدار اسد شاهه جي ڊرائيور اعجاز کي رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو، اسد شاهه جي ڊرائيور اعجاز تي سرڪار جي مدعيت ۾ سهولتڪار جو ڪيس داخل ٿيل آهي، هن تي پير فياض شاهه ۽ حنا شاهه کي فرار ڪرائڻ ۾ مدد ڪرڻ جو الزام آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.