ٺٽي لڳ خوفناڪ حادثو، ڳڀي لاءِ نڪتل ٻن سڳن ڀائرن سميت 7 ڄڻا اجل جو شڪار

ٺٽو/سونڊا(رپورٽ: منصور جلالاڻي/ارشاد گندرو) ٺٽو، حيدرآباد قومي شاھراھ روڊ موت جي ماٿري بڻجي ويو.  ٻچن جي روزي جي تلاش لاءِ ويندڙن سان خوفناڪ حادثو ٿي ويو، ٻن سڳن ڀائرن سميت 7 ڄڻا اجل جو شڪار۽ 7 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. چليا ٽول پلازہ ڀرسان چليا چاڙهي وٽ سوزوڪي ۽ ٽرڪ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مقبول ولد انور ملاح، علو ولد سومار ملاح، رسولي ولد اوڀايو ملاح، علي شير ولد اوڀايو ملاح ۽ مولابخش ولد امام بخش ملاح فوت ٿي ويا، جڏھن تہ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ سوزوڪي ڊرائيو مبارڪ شورو، رفيق ملاح، غلام حيدر ملاح، عبدالحميد ملاح، پيربخش ملاح، گلشير ملاح، ھارون بنگالي زخمي ٿي پيا، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين مان مبارڪ شورو ۽ ھارون بنگالي کي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري کين وڌيڪ علاج لاء ڪراچي موڪليو ويو، پر ٻئي ڄڻا زخمن جا تاب نہ سھندي فوت ٿي ويا. جڏھن تہ حادثي ۾ سوزوڪي مڪمل تباھ ٿي ويئي، جڏھن تہ ٽرڪ ڊرائيور ٽرڪ ڇڏي فرار ٿي ويو، زخمي ۽ فوتي چليا لڳ ڳوٺ رمضان ملاح جا رھواسي آھن، جيڪي مبارڪ شورو سان گڏ سوزوڪي ۾ مڇي جي تلاءُ تي مزدوري لاءِ وڃي رھيا ھئا تہ حادثي جو شڪار بڻجي ويا. اطلاع ملڻ تي اڳوڻو ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي، حاجي حنيف ميمڻ، ملاح اڳواڻ ڏاڏا ادم گندرو، ارشاد عمر گندرو، ڏونگر ڀنڀرو سميت سوين ملاح برادري جا ماڻھو  اسپتال تي پھچي ويا، جن زخمين کي علاج ۾ مدد ڪرائي فوتين جا لاش پنھنجي اباڻي ڳوٺ روانا ڪرايا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.