ايشيا ڪپ: برسات سبب پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ ختم

پاليڪيلي (م ڊ) ايشيا ڪپ جي وڏي مقابلي ۾ ڀارتي ٽيم پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 267 رنسن جو هدف ڏنو، جڏهن ته برسات سبب  پاڪستان جي اننگز شروع نه ٿي سگهي ۽ ميچ ختم ڪئي وئي.پاليڪيلي ۾ روهت شرما ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ڀارتي ٽيم 48.5 اوورن ۾ 266 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.ڀارت طرفان هارديڪ پانڊيا 87 ۽ ايشان ڪشن 82 رنسن جي اننگز کيڏي، ڪپتان روهت شرما 11، شبمن گل 10، ويرات ڪوهلي 4، رويندرا جديجا ۽ شرياس ائير 14-14، شردل ٺاڪر 3، ڪلديپ يادو 4، جسپريت بمرا 16 ۽ محمد سراج هڪ رنس ٺاهي.پاڪستان طرفان شاهين آفريدي 4، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف 3-3 وڪيٽون ورتيون.ڀارت جي اننگز ختم ٿيڻ کانپوءِ برسات شروع ٿي وئي، جنهن کانپوءِ پاڪستان جي اننگز شروع نه ٿي سگهي ۽ ميچ ختم ڪندي ٻنهي ٽيمن کي هڪ – هڪ پوائنٽ ڏني وئي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.