بحريا ٽائون فيض محمد گبول جي ڳوٺ سميت ٽن ڳوٺن جو رستو بند ڪري ڇڏيو

کوکراپار(ن ع آ) بحريا ٽائون انتظاميا ڪالھ صبح جو سوير گڏاپ ٿاڻي جي پوليس اٽالن سميت ڳري مشينري ساڻ ڪري ملير جي مزاحمتي ڪردار مرحوم فيض محمد گبول جي ڳوٺ نور محمد گبول ،سومار گبول ۽ علو ڳوٺ  سميت ٽن ڳوٺن جو رستو کوٽائي بعد ديوار لڳائي مڪمل طور بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب 500 کان وڌيڪ ڳوٺاڻا بحريا ٽائون جا قيدي بنجي ويا آهن

ان سلسلي ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته  ڳوٺن جا لنگھ بند ٿيڻ سبب بيمار اسپتالن،شاگرد اسڪولن ۽ ملازم ڊيوٽين تي پهچڻ کان  لاچار ٿي ويا آهن جڏهن ته ڳوٺاڻن تائين  کاڌ خوراڪ جي رسد بند ٿي ويئي آهي ڳوٺاڻن سنڌ جي  سياسي سماجي انساني حقن جي تنظيمن ۽  اڳواڻن کي مدد ۽ مداخلت جي اپيل ڪئي آهي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.