9 مئي واقعن جو هدف آرمي چيف ۽ سندس ٽيم هئي، ڪارروائي انتقامي ناهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو، اها ملڪ ۾ بغاوت ۽ گهرو ويڙهه ڏانهن ڌڪڻ جي هڪ ڪوشش ڪئي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته 9 مئي واقعن جو هدف موجوده آرمي چيف ۽ ان جي ٽيم هئي.
هن چيو اهو تاثر نه ڏيڻ گهرجي ته 9 مئي جي جوابدارن خلاف ڪا انتقامي ڪارروائي ٿي رهي آهي پر جيڪڏهن ملڪي قانون کي پامال ڪرڻ ۽ تشدد ڪندڙ جماعت خلاف قانون موجب ڪارروائي نه ٿي ته اسان ان معاملي ۾ ڌر نظر اينداسين.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته بجلي اهڙو مسئلو ناهي، جنهن تي ڦيٿو جام ڪيو وڃي، اسان کي ان طبقي سان گهڻي همدردي آهي، جنهن تي بجلي بلن جو بار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.