ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي بادشاهه شاهه رخ خان پنهنجي نئين فلم ۾ ڌيءَ سهانا خان سان گڏ نظر ايندو.
ڀارتي ميڊيا موجب سهانا خان جي وڏي پردي تي اها پهرين فلم هوندي ۽ انهيءَ ۾ هوءَ پنهنجي پيءُ شاهه رخ خان سان گڏ مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندي.
جيتوڻيڪ سهانا اداڪاري ۾ ۾ اڳ ئي ڊيبيو ڪري چڪي آهي، هن شوبز ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڊائريڪٽر زويا اختر جي نئين نيٽ فلڪس فلم ”دي آرچر“ سان ڪئي، اها فلم نيٽ فلڪس تي هلندڙ سال ڊسمبر جي ست تاريخ تي رليز ڪئي ويندي.
ايندڙ فلم مشهور ڊائريڪٽر سوجواءِ گهوش جي هدايتڪاري ۾ ٺهندي جهن ڪجهه عرصو اڳ ان فلم بابت تصديق ڪئي هئي، پر هاڻ ڀارتي ميڊيا جو ذريعن جي حوالي سان چوڻ آهي ته فلم جي اسڪرپٽ تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي.
رپورٽس موجب سوجواءِ جي اها فلم جاسوسي ٿرلر هوندي جنهن ۾ سهانا هڪ جاسوس جي طور تي مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
جيئن ته هر جاسوس کي هڪ هينڊل جي ضرورت هوندي آهي ائين ئي ان فلم ۾ شاهه رخ خان سهانا جي هينڊلز طور ڪم ڪندو.
فلم جي شروعات ڪڏهن ٿيندي ان کي ڪهڙي سال رليز ڪيو ويندو، ان حوالي سان تفصيل سامهون ناهن آيا.
You might also like