مڪلي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران گهرو وزير بريگيڊيئر (ر) حارث نواز سنڌ ۾ جلد وڏي آپريشن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ملڪي باءِ پاس تي ميڊيا سان ڳالهائيندي حارث نواز چيو ته سنڌ ۾ وڏين ڪارروائين جي تياري ڪري رهيا آهيون، جلد نوان آفيسر اچي ويندا، جنهن کانپوءِ آپريشن ٿيندو.
هن چيو ته اسان باڪردار ۽ سٺن ماڻهن کي لڳائي رهيا آهيون، جنهن کانپوءِ سنڌ ۾ امن ٿي ويندو، سڄي صوبي ۾ ڪارروائيون ٿينديون ۽ امن قائم ڪرائينداسين.
سندس چوڻ هو ته گهوٽڪي، ڪشمور، جيڪب آباد ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ آپريشن جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي، اسان ڪنهن جي خلاف سياسي انتقامي ڪارروائي نه پيا ڪيون، صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي خبر آ ته ڪٿي آهن، تبديلين کانپوءِ توهان کي ايڪشن نظر ايندو.
You might also like