وڏي عمر جي شخص سان شادي ۾ فائدا آهن: اقرا عزيز

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارا اقرا عزيز اعتراف ڪيو آهي ته مڙس عمر ۾ هن کان 11 سال وڏو آهي ۽ هن پاڻ کان وڏي عمر جي شخص سان شادي ڪري گھڻو ڪجهه کيو. وڏي عمر جي شخص سان شادي ڪرڻ جا گھڻا فائدا آهن. ننڍپڻ کان ئي ماءُ بڻجڻ جو شوق هو.

اقرا عزيز جي هڪ پراڻ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هوءَ ٻڌائي ٿي ته هوءَ مڙس سان 11 سال ننڍي آهي. اداڪارا جي وائرل ٿيندڙ ننڍڙي وڊيو هڪ سال اڳ ڏنل انٽرويو جي آهي، جنهن ۾ هن شادي سوڌو ماءُ بڻجڻ کانسواءِ شوبز ڪيريئر تي به ڳالهايو.

هن ڄاڻايل انٽرويو ۾ ٻڌايو ته کيس ننڍپڻ کان جلد شادي ڪرڻ جو شوق هو ۽ اهڙيءَ طرح کيس ٻار ڄڻڻ جو به شوق هو.

اقرا عزيز جو چوڻ هو ته مڙس جي عمر  وڌيڪ هجڻ سبب هو هن کان ڪيترائي مشورا وٺندي آهي، جنهن جو کيس فائدو ٿيندو آهي ۽ هر ڪنهن کي پاڻ کان وڏي عمر جي مرد سان شادي ڪرڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.