ايشيا ڪپ جون ميچون برساتن جي ڪري متاثر ٿيڻ جي خدشي سبب ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ڪولمبو جو وينيو تبديل ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب سريلنڪا ۾ هن وقت چوماسي برساتون ٿي رهيون آهن ۽ تخت گاهه ڪولمبو ۾ گذريل 5 ڏينهن کان برسات ٿي رهي آهي، اتي ئي ايشيا ڪپ سپر 4 مرحلي جون سموريون ميچون ۽ فائنل ٿيندو.
سپر 4 مرحلي جي شروعات 9 سيپٽمبر کان ٿيندي، برسات سبب گذريل ڏينهن پاليڪيلي ۾ ٿيندڙ پاڪ – ڀارت ميچ جو نتيجو به نه نڪتو هو، جنهن کانپوءِ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل تي تنقيد ڪئي پئي وڃي ته ان جي ضد سبب ايشيا ڪپ پاڪستان يا گڏيل عرب امارتن ۾ نه ٿي سگهيو.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڪولمبو ۾ سخت برساتن ۽ خراب موسم سبب وينيو تبديل ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي ۽ اتي شيڊيول موجب دمبولا منتقل ڪري سگجن ٿيون، جتي اڄڪلهه برسات نه پئي ٿئي.
ميڊيا موجب اي سي سي ان حوالي سان فيصلو ڪرڻ لاءِ ميمبر بورڊز جو اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي ۽ ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن ۾ فيصلو ڪيو ويندو.
You might also like