قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر سهيل خان عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سهيل خان سوشل ميڊيا تي پنهنجي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي چيو ته مشاورت کانپوءِ مان عالمي ۽ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
هن چيو ته مون کي پي سي بي فيملي، ڪوچن، ساٿين، مداحن سپورٽ ڪيو، جنهن تي سندن ٿورائتو آهيان.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مان ڊوميسٽڪ وائيٽ بال ۽ فرنچائز ڪرڪيٽ کيڏندو رهندس.
واضح رهي ته سهيل خان پاڪستان طرفان 9 ٽيسٽ، 13 ون ڊي ۽ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون.
Next Post
You might also like