بهاولپور (ويب ڊيسڪ) بهاولپور جي سرڪاري اسپتال ۾ عورت وٽ 5 ٻارن جي پيدائش ٿي آهي.
اسپتال انتظاميا موجب ٻارن جي پيدائش گورنمينٽ نواب سر صادق اسپتال ۾ ٿي، ڄاول ٻارن ۾ 4 ڇوڪريون ۽ هڪ ڇوڪرو شامل آهي.
اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته سرڪاري اسپتال ۾ عورت وٽ 5 ٻارن جي پيدائش ڊاڪٽرن جي پيشيوراڻي مهارت جو چٽو ثبوت آهي.
انتظاميا ٻڌايو آهي ته 5 ٻار پيدا ٿيڻ سبب ڪمزور آهن، تنهن ڪري انهن کي انتهائي نگهداشت وارڊ ۾ رکيو ويو آهي، جڏهن ته ماءُ جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.