تعليم واري وفاقي وزير مدد علي سنڌ چيو آهي ته تعليمي معيار ارڙھين ترميم کانپوءِ حڪومت جو سبجيڪٽ آھي پر وفاق مدد ڪندو رھي ٿو.
ڪراچي پريس ڪلب ۾ خطاب ڪندي مدد علي سنڌي جو چوڻ هو ته صحافين کي ڪيئن پگھارون ملن ٿيون ۽ مسئلن کان چڱي ريت واقف آهيان، صوبائي حڪومتون صحافين الائونسز جو انتظام ڪن،ان بابت وفاقي حڪومت کي به عرض ڪندس ۽ صحافين جي اولاد لاءِ اسڪالرشپس جي ڪوشش ڪندي.
هن چيو ته تعليمي معيار ارڙھين ترميم صوبائي حڪومت جو سبجيڪٽ آھي پر وفاق مدد ڪندو رھي ٿو،سرڪاري اسڪولن ۾ بھتري آندي وڃي ۽ خانگي پنهنجي فيس گھٽ کان گھٽ رکن.
سندس چوڻ هوته شاگرد تنظيمن تي پابندي پراڻو مسئلو آھي ان حوالي سان صوبائي حڪومتن ۽ يونيورسٽيز سان ڳالهائينداسين ته اهڙو ماحول فراهم ڪيو وڃي ته جيئن اهڙو ماحول فراهم ٿي سگھي جو هو تنظيم سازي ڪري سگھن.