ايٿنز (ويب ڊيسڪ) فيفا ورلڊ ڪپ جي خوبصورت تماشائي قرار ڏنل ماڊل کي ساڙ ۾ مبتلا هڪ عورت حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪروشيا جي ان ماڊل جو نالو ڪنول آهي، جيڪا هن وقت عالمي ميڊيا جي خبرن جي زينت بڻيل اهي قطر ۾ ٿيل فيفا ورلڊ ڪپ دوران ڪميرا مين کيس فوڪس ڪيو ۽ اها وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي وئي.
31 ورهين جي ڪنول کي انٽرنيٽ واهپيدارن فيفا جي خوبصورت ترين تماشائي قرار ڏنو. هن وقت هوءَ موڪلون ملهائڻ يونان ۾ آهي جتي هن تي حملي جو واقعو پيش آيو آهي. ٻڌايو ويو آهي ته حملو ڪندڙن عورت جي بواءِ فرينڊ کيس ڏسي رهيو جنهن تي ساڙ ۾ ان عورت ڪنول تي حملو ڪري ڏنو.
ڪنول ان واقعي بابت پنهنجي انسٽاگرام تي ٻڌايو ته گذريل رات مون تي هڪ اڻڄاتل عورت حملو ڪيو. هو عمر جي 40 هين ڏهاڪي ۾ هئي. آئون پنهنجن دوستن سان گڏ ويٺي چانهه پي رهي هيس ۽ منهنجو خيال هو ته يونان جهڙي محفوظ ملڪ ۾ مون کي سيڪيورٽي جي ضرورت ناهي. هن جي موت تي حملو ڪرڻ جو سبب اهو هو جو جڏهن آئون ريسٽورنٽ ۾ داخل ٿيس ته سندس بواءِ فرينڊ مون کي ڏسي رهيو هو. پنهنجي بواءِ فرينڊ جي وڃڻ کان پوءِ عورت ٽن ڪلاڪن تائين اڪيلي ويهي منهنجي فارغ ٿي ٻاهر نڪرڻ جو انتظار ڪري رهي هئي ۽ جيئن ئي آئون ٻاهر نڪتيس، هن حملو ڪري مون کي زخمي ڪري ڇڏيو.
You might also like